اسلامي جمعيت طلبا

اسلامي جمعيت طلبا: هي شاگرد تنظيم 23 ڊسمبر 1947ع تي لاهور ۾ ڪوٺايل هڪ ننڍڙي ڪنوينشن ۾ قائم ڪئي وئي، جنھن ۾ 25 کن شاگردن شرڪت ڪئي. هن گڏجاڻيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جي باني مولانا ابو اعليٰ مودودي خاص طور تي شرڪت ڪئي. جماعت اسلاميءَ جي ذيلي تنظيم طور سڃاڻپ رکندڙ هي شاگرد تنظيم لاهور ۽ ڪراچيءَ ۾ وڌيڪ سرگرم رهي. هن وقت به ملڪ جي مکيه شھرن ۾ وجود رکي ٿي. ساڄي ڌر سان لاڳاپيل هن تنظيم جو بنيادي نظريو ملڪ ۾ اسلامي سياسي نظام لاڳو ڪرڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو