اسلامي جمهوري اتحاد

اسلامي جمهوري اتحاد: اسلامي جمهوري اتحاد ”آءِ جي آءِ“ سيپٽمبر 1988ع ۾ پيپلزپارٽي جي مقابلي لاءِ انهيءَ سال ٿيندڙ چونڊن لاءِ ٺاهيو ويو. اهو اتحاد به پاڪستان قومي اتحاد (پي اين اي) وانگر نون جماعتن تي ٻڌل هو. ساڄي ڌر جي هن اتحاد ۾ پاڪستان مسلم ليگ (نواز شريف) نيشنل پيپلزپارٽي (غلام مصطفيٰ جتوئي) ۽ جماعت اسلامي مکيه جماعتون هيون. اخبارن ۽ رسالن جي ڇپيل خبرن موجب هن اتحاد جوڙڻ ۾ هڪ سرڪاري ڳجهي اداري جي سربراهه جنرل حميد گل اهم ڪردار ادا ڪيو هو. اتحاد جو سربراهه بظاهر غلام مصطفيٰ جتوئي هو، پر با اثر اڳواڻ نواز شريف هو. 1988ع وارين عام چونڊن ۾ آءِ. جي آءِ. قومي اسيمبلي ۾ 53 سيٽون کنيون. جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ کي 92 سيٽون مليون. آءِ جي آءِ گهڻيون سيٽون پنجاب مان کنيون. ائين پهريون ڀيرو نواز شريف پيپلزپارٽيءَ جي مخالف ۽ متبادل اڳواڻ طور اڀريو، ڊسمبر 88ع ۾ آءِ جي آءِ جي جهنڊي هيٺ پنجاب ۾ نواز شريف صوبائي حڪومت ٺاهي. هي اهو سياسي بنياد هو جنهن تان نواز شريف ڪوششون وٺي ۽ اڳتي هلي وزيراعظم ٿيو. 90ع وارين چونڊن ۾ نه آءِ جي آءِ ۽ نه ئي وري پيپلزپارٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري سگهي پر پوءِ به آءِ جي آءِ وٽ 105 سيٽون هيون، جڏهن ته پيپلزپارٽي ۽ ان جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ الائنس (پي ڊي اي) وٽ 45 سيٽون هيون. 1993ع جي چونڊن ۾ آءِ جي آءِ نه رهي، ان ڪري نواز شريف پيپلزپارٽيءَ جي سمورين مخالف ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ ناڪام ويو.


لفظ اسلامي جمهوري اتحادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو