اسلم عباسي

اسلم عباسي

اسلم عباسي

اسلم عباسي: محمد اسلم ولد حاجي الهداد عباسي، موري شهر جي ڳوٺ علي بخش ڪلهوڙي ۾ 25 نومبر 1968ع تي ڄائو. شروعاتي تعليم احمد شاهه اسڪول موري مان حاصل ڪري 1990ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي (اقتصاديات) ڪئي. ساهتي پرڳڻي ۾ پنهنجون علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو آهي. هن ادب ۾ لکڻ جي شروعات 85-1984ع کان ڪئي. سندس پهرين لکڻي ’مهراڻ‘ اخبار ۾ 1986ع ۾ شايع ٿي. هن آزاد نظم ۽ ڪجهه ٽيڙو لکيا آهن. نثر جي حوالي سان تاريخي ۽ تحقيقي مضمون لکيا اٿس.لکڻ پڙهڻ کانسواءِ سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ پڻ اڳڀرو رهيو آهي. 1984ع ڌاري موري ۾ شاهه عنايت سوشل ويلفيئر آرگنائيزيشن جو بنياد پيو ۽ کيس ان جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.2002ع ۾ حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ميان غلام شاهه ڪلهوڙو سيمينار ۾ پريس سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنيون. ان کانسواءِ سنڌي ادبي سنگت ۽ سگا موري سان لاڳاپيل رهيو آهي.سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ”ميان غلام شاهه ڪلهوڙو- سنڌ جو شاهجهان“ (ترتيب-2002ع)، (2) ”ڪلهوڙا دور هڪ مطالعو“ (2005ع)، (3) ”تاريخ جي آئيني ۾'>ضلعو نوشهروفيروز تاريخ جي آئيني ۾“ (ترتيب-2007ع) ۽ (4) ”مورو تاريخ ۽ ثقافت“ (ترتيب: 2011ع) شامل آهن. ان کانسواءِ 1993ع کان 1996ع تائين ماهوار ’پيپلز ٽائيمز‘ ۽ 1997ع کان اڄ تائين”سنڌ رويو“ رسالي جو ايڊيٽر آهي.


لفظ اسلم عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو