داخلا نمبر 3920
عنوان اسلم فرخي ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1013 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
ڊاڪٽر اسلم فرخي

ڊاڪٽر اسلم فرخي

اسلم فرخي ڊاڪٽر

اسلم فرخي ڊاڪٽر: ناليواري اديب، شاعر، محقق، ٻولي ماهر، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ 23 آڪٽوبر 1923ع تي لکنؤ (هندستان) ۾ علمي ادبي خاندان ۾ جنم ورتو. سندس ’فرخي‘ لقب فرخ آباد شهر جي ڪري پيو. ورهاڱي کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ جي هڪ وڏي سڃاڻپ ٻارڙن لاءِ لکڻ جي حوالي سان به آهي. هن ٻارن لاءِ تمام گھڻو ادب لکيو آهي. سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ ۾ پڙهائڻ سان گڏ هو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي اردو شعبي ۾ پروفيسر ۽ شعبي جو چيئرمين به رهي چڪو آهي. ان سان گڏ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار جون ذميواريون به نڀايون اٿائين. ڇهن سالن تائين ريڊيو پاڪستان سان به لاڳاپيل رهيو آهي.
سندس اهم ڪتابن ۾ (1) ”محمد حسين آزاد حيات جو تصنيف“، (2) ”گلدستهء احباب“، (3) ”آنگن مين ستاري“، (4) خريد و خرد فريد“، (5) داستانِ نظام“، (6) ”بچون ڪي سلطان جي“، (7) بچون ڪي رنگا رنگ امير خسرو“ شامل آهن. سندس ايڊٽ ڪيل ڪتابن ۾ (1) ”تذڪره گلشن هميشه بهار“، (2) ”چاند بيبي سلطانه“، (3) قتيل و غالب“ (ليکڪ: اسد علي انوري)، (4) ”نارنگِ خيال“ (ليکڪ: محمد حسين آزاد)، (5) ”قصص هند“ (ليکڪ: محمد حسين آزاد) ۽ ٻيا شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1923.10.23  عيسوي

اسلم فرخي ڊاڪٽر: ناليواري اديب ، شاعر ، محقق ، ٻولي ماهر ، اسڪالر ۽ براڊ ڪاسٽر ڊاڪٽر اسلم فرخيءَ 23 آڪٽوبر 1923ع تي لکنؤ ( هندستان ) ۾ علمي ادبي خاندان ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون