داخلا نمبر 3881
عنوان اسٽالن
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1022 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
اسٽالن

اسٽالن

اسٽالن

اسٽالن (1953ع-1879ع ):اسٽالن، 1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ يو.ايس.ايس.آر ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي، جيڪو 1953ع ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويو. هو جارجيا جي گوري شهر ۾ ڄائو هو. هن جو پيءُ ۽ ماءُ موچڪو ڪم ڪندا هئا ۽ طفلس جي هڪ ڪارخاني ۾ هئا. مذهبي پابنديءَ هن ۾ بغاوت جو جذبو پيدا ڪيو ۽ 1897ع ۾ هو هڪ درسگاهه Seminery ۾ مارڪسي ٽولي جو اڳواڻ ٿيو. هن جي باغي ڪاررواين سبب کيس درسگاهه مان نيڪالي ڏني ويئي هئي. درسگاهه ڇڏي اسٽالن طفلس جي رسدگاهه ۾ ڪلارڪ جي نوڪري ڪئي، جيتوڻيڪ هن جي مکيه دلچسپي روسي جمهوري مزدور پارٽيءَ ۾ هئي. هو انهيءَ اداري ۾ هڪ پيشه ور فسادي ثابت ٿيو، ميڙ ڪٺا ڪري، طفلس ۽ باطوم ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ڪرايائين ۽ نيٺ پوليس جي وڪڙ ۾ آيو. هن کي باطوم ۾ گرفتار ڪري، قُطيسيءَ جي جيل ۾ هڪ سال لاءِ بند رکيائون. 1903ع ۾ هن کي سائبيريا بدر ڪيو ويو، جتي هن کي معلوم ٿيو ته پارٽيءَ ۾ منيشيوڪ ۽ بالشيوڪ وڙهي پيا هئا. هو باليشيويڪن جي ڌُر ٿيو. 1904ع ۾ هو جيل مان ڀڄي نڪتو ۽ ڪاڪيزيا ۾ پنهنجون زير زمين ڪارروايون شروع ڪيائين. 1905ع ۾ هو پهريون ڀيرو لينن سان فن لئنڊ ۾ هڪ ڪانفرنس ۾ مليو. 25 جون 1907ع تي اسٽالن هڪ اسٽئٽ بئنڪ جي گاڏي تي ڌاڙو هڻايو. 1908ع ۾ هن کي باڪوءَ ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن لاءِ سزا ڏئي وولوگڊا ڏانهن نيڪالي ڏني وئي. هن جي پهرين زال ڪئٿرين، جنهن سان هن 1904ع ۾ شادي ڪئي هئي، سا 1907ع ۾ سلهه وگهي مري وئي ۽ ٻي زال ناديزدا، جنهن سان هن 1906ع ۾ شادي ڪئي، تنهن 1932ع ۾ خودڪشي ڪئي. 1902ع کان 1917ع تائين اسٽالن هڪ طوفاني دؤر مان گذريو، جنهن ۾ هو ڪيئي ڀيرا گرفتار ٿيو ۽ قيد ۾ وڌو ويو، جلاوطن ڪيو ويو ۽ ڪيئي ڀيرا اتان فرار ٿيو. ڪنهن ڪنهن وقت هو انقلابي ادب تي ليک به لکندو هو. 1917ع جي انقلاب کان پوءِ هو پيٽروگراڊ ۾ آيو ۽ ڪامينوف سان گڏجي، ”پراودا“ اخبار سنڀاليائين، جا پارٽي صحافت جو وڏو هٿيار ۽ ان جو سرڪاري آواز هئي. انهيءَ دؤر ۾ هن پنهنجو اصلي نالو زگاشوِلي مٽائي پاڻ تي ”اسٽالن“ نالو رکيو يعني ”رُڪ جو ماڻهو“. مئي 1917ع ۾ اسٽالن پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو ميمبر مقرر ڪيو ويو ۽ 1922ع ۾ لينن هن کي پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري بڻايو. خانه جنگي (1918ع کان 1920ع تائين) هلندي هن سرخ فوج لاءِ کاڌو ۽ رسد مهيا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو خاص طور اسٽالن گراڊ ۾ (جا ان وقت زاريسٽن هئي) ڦڙت ۽ اثرائتو هو ۽ جڏهن ان تي ”سفيد فوج“ حملو ڪيو، ته هن شهر جي بچاءَ لاءِ ڪم ڪيو . انهيءَ ئي دؤر ۾ اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ جھيڙو شروع ٿيو، جيڪو ان وقت جنگجو ڪميسار هو. هن ٽراٽسڪيءَ جي اڪثر فرمانن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن لينن 1924ع ۾ مري ويو ته هن زينوفيف ۽ ڪامينوف سان گڏجي ٽه مورتي ٺاهي ورتي ۽ ٽراٽسڪيءَ ۽ سندس پوئلڳن جي مخالفت ڪئي. پوين ڏينهن ۾ لينن ۽ اسٽالن جا تعلقات ڏاڍا ڪشيده ٿي ويا هئا ۽ لينن موت جي بستري تي پنهنجي زال کي وصيت لکرائي ڇڏي ته، ”اسٽالن کي يڪدم هٽايو وڃي. هو نهايت کهري طبيعت جو آهي ۽ اها ڳالهه ڪميونسٽن ۾ قابلِ برداشت نه آهي، خاص ڪري انهيءَ ماڻهوءَ وٽ، جو سيڪريٽري جنرل آهي.“ چيو وڃي ٿو ته اسٽالن، لينن جي بيوهه جي حمايت سان ، اها وصيت دٻائي ڇڏي. جيتوڻيڪ ڪجهه سالن کانپوءِ جڏهن هو چڱيءَ طرح پير کوڙي چڪو هو، هن انهيءَ وصيت جو ذڪر ڪيو. پوئين ويڙهه اسٽالن ۽ ٽراٽسڪيءَ ۾ تڏهن ٿي، جڏهن ٽراٽسڪيءَ انقلابيءَ کي 1927ع ۾ اسٽالن خلاف هنگامي ۾ بدلايو. جڏهن هو ان ۾ ڪامياب نه ٿيو، تڏهن اسٽالن هن کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ستر ميمبرن سان گڏ، پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏيو. جنوري 1928ع ۾ ٽراٽسڪيءَ کي جلاوطن ڪيو ويو. ان کانپوءِ اسٽالن پنهنجي صنعتي ترقيءَ ۽ مجموعيت (Collectivization) جو تصور ڏنو. هن شايد ڀانيو ٿي ته ائين ڪرڻ سان، يو.ايس.ايس.آر جا اقتصادي بنياد مضبوط ٿيندا، پوءِ اسٽالن پنهنجا پراڻا ڪامريڊ، اليڪسي رِڪوف، نڪولائي بخارن، گريگوري زينوفيف ۽ ليو ڪامينوف ۽ ٻيا ڪيترائي ٽراٽسڪيءَ جا ساٿي پارٽي بدر ڪيا ۽ ”ماسڪو جي ڪاررواين“ ۾ انهن کي موت جي سزا ڏني. 1939ع ۾ اسٽالن، هٽلر سان روس- جرمن پئڪٽ ڪري، دنيا کي ڇرڪائي وڌو. ان وقت اسٽالن ڏيکاريو ته جرمنيءَ سان ٺاهه، امن لاءِ هن جي استاديءَ جو وڏو ڪارنامو هو، پر هڪ مهيني کان پوءِ ڳالهه ظاهر ٿي پئي، جڏهن اسٽالن جي سرخ فوج پولينڊ جو اڌ والاري وئي. اسٽالن جا پول وڌيڪ پڌرا ٿي پيا، جڏهن نومبر 1939ع ۾ فنلئنڊ تي سرخ فوج جو حملو ٿيو، ڇو ته فِنش قوم سرحد جي باري ۾ اسٽالن جون ڪجهه گھرون نه ٿي قبوليون. اِها نجي سامراجي والار هئي. 6 مئي 1941ع تي اسٽالن يو.ايس.ايس.آر جو سرڪاري طور سربراهه ۽ پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو. پوءِ ان کي وزيرن جي ڪائونسل چيو ويو. اها ڳالهه يو.ايس.ايس.آر تي جرمنيءَ جي حملي کان ڪجهه هفتا اڳ ٿي. ٻي جنگ عظيم ۾ اسٽالن جي رهنمائي ۽ فولادي ارادي ماسڪو ڏانهن اڳتي وڌندڙ نازي فوج جي خلاف دفاع ڪيو ۽ آخر کين شڪست ڏني. 6 مئي 1943ع تي هن کي فيلڊ مارشل جو خطاب مليو ۽ 27 جون 1945ع تي جنرليسيپو جو خطاب مليو. 1943ع ۾ هو صدر روزويلٽ ۽ وزيراعظم چرچل سان تهران ڪانفرنس ۾ ۽ 1945ع ۾ صدر ٽرومئن ۽ چرچل سان پالٽا گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيو. ان کانپوءِ اسٽالن جي پراڻن اتحادين سان رَوش دشمنيءَ واري ٿي وئي. سوويت اڳرائي ۽ هَلان جيڪا برلن تي ٿي، اها رٿ ۽ راڄنيتي مَتي جو نتيجو هئي ۽ ان کانپوءِ ڏکڻ ڪوريا تي اتر ڪوريا جي حمله آوري به ساڳي مصلحت هيٺ ڪئي وئي.
5 مارچ 1953ع تي اسٽالن جي حڪمرانيءَ جو اُڻٽيهون سال پورو ٿيو، جڏهن هن جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي ۽ موت هن جون اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون ۽ هن جيڪي پنهنجي دؤر ۾ ويهارو لک خون ڪيا هئا، اهي کيس ڦٻيا يا نه، اهو ته حساب منڪر نڪير جي وهي کاتي ۾ هوندو، پر پوءِ به هن کي ٿوري وقت لاءِ ڪريملين ۾ قبر نصيب ٿي. هن جي موت کان پوءِ فرسٽ سيڪريٽريءَ نڪيتا ڪروشنچوف هن جي شخصيت پرستيءَ جي پاڙ پٽي ڦٽي ڪئي ۽ 24 فيبروريءَ 1956ع تي هن انهيءَ ظالم آمر تي 1937ع ۾ مرڪزي ڪميٽيءَ جي 133 ميمبرن مان 70 جي قتل، ”پاڪ صاف ڪرڻ واري تحقيقات“ (Purge Trials) ذريعي خونِ ناحق، 1930ع واري زمين، مجموعيت واري ڪارروائيءَ ۾ هزارين قتل، ماسڪو جي گھيراءُ وقت ذاتي بزدليءَ جي مظاهري (جڏهن هو شهر ڇڏي هليو ويو هو) ۽ 1949ع ۾ مارشل ٽيٽو جي برگشتگيءَ ۽ بغاوت، انهن سڀني ڳالهين جا علي الاعلان الزام ڏنا. اسٽالن جي اِن بت شڪنيءَ، يو.ايس.ايس.آر جا بنياد ڪڍي وڌا. پولينڊ ۽ هنگريءَ جي رهواسين آڪٽوبر ۾ بلوو ڪيو. هنگريءَ ۾ اڀار کي بي ترسيءَ سان ڪچليو ويو. 1961ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ويهين ڪانگريس حڪم ڪيو ته اسٽالن جي لاش کي ماسڪو ۾ لينن واري مقبري وٽان ڪڍايو وڃي. اسٽالن کي ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ هئي. هن جو وڏو پٽ ياڪوف جرمنيءَ جي قيد خاني ۾ مري ويو ۽ ننڍو پٽ 1962ع ۾ ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ڌيءَ سئوِتَيلانا 1967ع ۾ يو.ايس فرار ٿي وئي، جتي هن جي آتم ڪهاڻي ڇپي. اسٽالن جي موت کانپوءِ 1991ع ۾ يو. ايس. ايس. آر ٽٽي ۽ ان کي گورباچوف جي ”پريسٽرائڪا“ به بچائي نه سگھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1924.00.00  عيسوي

اسٽالن ( 1953ع-1879ع ) : اسٽالن ، 1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ يو . ايس . ايس . آر ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي ، جيڪو 1953ع ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويو .


1953.00.00  عيسوي

اسٽالن ( 1953ع-1879ع ) : اسٽالن ، 1924ع ۾ لينن جي موت کان پوءِ يو . ايس . ايس . آر ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو اهم اڳواڻ ٿي گذريو آهي ، جيڪو 1953ع ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب مري ويو .


1904.00.00  عيسوي

جي پهرين زال ڪئٿرين ، جنهن سان هن 1904ع ۾ شادي ڪئي هئي ، سا 1907ع ۾ سلهه وگهي مري وئي ۽ ٻي زال ناديزدا ، جنهن سان هن 1906ع ۾ شادي ڪئي ، تنهن 1932ع ۾ خودڪشي ڪئي .


1941.05.06  عيسوي

مئي 1941ع تي اسٽالن يو . ايس . ايس . آر جو سرڪاري طور سربراهه ۽ پيپلز ڪميسارن جي ڪائونسل جو چيئرمين ٿيو .


1953.03.05  عيسوي

مارچ 1953ع تي اسٽالن جي حڪمرانيءَ جو اُڻٽيهون سال پورو ٿيو ، جڏهن هن جي دماغ جي رڳ ڦاٽي پئي ۽ موت هن جون اکيون هميشه لاءِ پوري ڇڏيون



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون