اسپنج

اِسپَنج/اِسفَنج: هڪ قسم جي سامونڊي مخلوق، جيڪا گروهن ۾ رهي ٿي. اها سمنڊ جي تري ۾ يا سامونڊي پهاڙ جي پاسن کان چنبڙيل هوندي آهي. قدرتي طرح هن جو جسم جيليءَ يا پنير جهڙو کوکلو ٿئي ٿو ۽ وقت اچڻ تي هي خودبخود ٻه اڌ ٿئي ٿو ۽ ٻئي اڌ جدا جدا حيثيت سان وري پاڻ مان ٻيو جسم پيدا ڪن ٿا. اهو جسم سُڪڻ کان پوءِ نرم ۽ سوراخدار ٿي پوندو آهي. جيڪو گهڻن ڪمن ۾ ايندو آهي. هن ۾ پاڻياٺ چهڻ جي گهڻي صلاحيت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو