اسڪاءِ ليب

اسڪاءِ ليب

اسڪاءِ ليب

اسڪاءِ لئب (Sky lab): آسماني تجربيگاهه، جيڪا آمريڪا جي ’ناسا‘ مرڪز مان 14 مئي 1973ع تي خلا ۾ اماڻي وئي. اسڪاءِ لئب اُن آمريڪي تحقيقاتي اداري ’ناسا‘ پاران ٺاهي وئي هئي، جنهن جو مقصد ’آسمان‘ جي ڄاڻ کي زمين ڏانهن موڪلڻ هو. اسڪاءِ لئب ٻه ماڙ منزل جيان ٺهيل هئي، جنهن ۾ تجربي جون سموريون شيون رکيون ويون هيون. اها اسڪاءِ لئب اٺن سالن لاءِ مٿي فضا ۾ رهڻي هئي، پر فني خرابيءَ سبب ڇهه سال گذرڻ کان پوءِ، 16 جولاءِ 1979ع ۾، آسٽريليا جي هڪ سنسان علائقي ۾ اچي ڪري هئي.


لفظ اسڪاءِ ليبھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو