اسڪائوٽ تحريڪ جو باني

اسڪائوٽ تحريڪ جو باني: اسڪائوٽ تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول 22 فيبروري 1857ع تي هڪ انگريز آفيسر جي گهر ۾ انگلنڊ ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ 1874ع ۾ سينيئر ڪيمبرج جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ڪميشن پاس ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هن کي 1899ع ۾ آفريڪا ڏانهن موڪليو ويو، ڇو ته اتي آفريڪا جي علائقي مينيجڪنگ ۾ بُوتر نالي قبيلي بغاوت ڪئي هئي. هن کي اها بغاوت ختم ڪرڻ جو منصوبو سونپيو ويو هو. هن وڏيءَ رٿابنديءَ سان اُن بغاوت کي ختم ڪيو. هن اُن لاءِ اتي فوج کي ٽن حصن ۾ ورهايو. پهرئين حصي ۾ جوان فوجي رکيائين، ٻئي حصي ۾ اڌڙوٽ عمر جا فوجي رکيائين ۽ ٽئين حصي ۾ رسد پهچائڻ لاءِ ڪراڙا فوجي ۽ ۽ ٻار رکيائين. هڪ ڏينهن باغين لارڊ بيڊن پاول کي گهيري ۾ آڻي، کيس ۽ سندس فوج کي قلعي بند ڪري ڇڏيو. قلعي ۾ جيئن ئي هيءُ سوچ ۽ فڪر ۾ ويٺو هو ته هن ڏٺو ته هڪ ننڍي ڇوڪري باغين جي مورچن مان نڪري اچي، هن کي هڪ فوجي آفيسر جو پيغام پهچايو، جنهن ۾ گهيري ٽوڙڻ جو پلان هو. هن ان تي عمل ڪري گهيري کي ٽوڙي وڌو ۽ فوج سان 1901ع ۾ اها بغاوت ختم ڪري ڇڏيائين. هن ان عمل تي سوچيندي، ٻارن کي باقاعدي تربيت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جنرل جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي، انگلنڊ جي برائون سي جزيري ۾ دنيا جي پهرين اسڪائوٽ ڪئمپ لڳائي. ان ۾ فقط 120 اسڪائوٽن شرڪت ڪئي. ان کان پوءِ 1908ع ۾ ڪتاب اسڪائوٽنگ فار بوائز لکيائين. 1920ع ۾ دنيا جي پهرين اسڪائوٽ جمبوري انگلنڊ ۾ لڳي، جنهن ۾ لارڊ بيڊن پاول کي دنيا جو پهريون چيف اسڪائوٽ چونڊيو ويو. هيءُ تاحيات اسڪائوٽ رهيو، ۽ آخر ۾ 83 سالن جي عمر ۾ 8 جنوري 1941ع تي آفريڪا ۾ گذاري ويو. سندس مقبرو ڪينيا ۾ آهي. (وڌيڪ ڏسو اسڪائوٽنگ).


لفظ اسڪائوٽ تحريڪ جو بانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1857.02.22  عيسوي

لارڊ بيڊن پاول 22 فيبروري 1857ع پيدا ٿيو


1941.01.08  عيسوي

لارڊ بيڊن پاول 8 جنوري 1941ع تي آفريڪا ۾ گذاري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڏيارام گدو مل
ايڇ ايم خواجه
چانڊيو غلام عباس
حاجي مصري لنڊ
بيرم خان
حڪيم عثمان بوبڪائي
شاهه عبدالله بن عبدالعزيز
طالب سميجو
بهاول خان عباسي3
بيربل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون