اسڪائوٽنگ جي سکيا وٺندڙ نوجوان

اسڪائوٽنگ جي سکيا وٺندڙ نوجوان

اسڪائوٽنگ

اسڪائوٽنگ: نوجوانن جي هيءَ سڀ کان وڏي، منظم، فعال، غيرسياسي ۽ بين الاقوامي تنظيم آهي، جنهن جو پهريون مقصد نوجوانن ۾ خوداعتمادي ۽ خدمت جو جذبو اُڀارڻ ۽ ان وسيلي منجهن ملڪ ۽ قوم لاءِ، مفيد، باڪردار ۽ قابل فخر شهري بنجڻ جي اُمنگ پيدا ڪرڻ هو. هن تحريڪ جو باني لارڊ بيڊن پاول (1857ع_ 1941ع) هو. جڏهن پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ته ان وقت فرانس ۾ ڇهين عالمي اسڪائوٽ جمبوري ٿي رهي هئي. پهرين سيپٽمبر 1947ع تي ڪراچيءَ ۾ پاڪستان جي اسڪائوٽ ليڊرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان بواءِ اسڪائوٽ ائسوسيئيشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 22 ڊسمبر 1947ع تي گورنر جنرل هائوس ڪراچيءَ ۾، قائداعظم محمد علي جناح، پاڪستان جي پهرئين چيف اسڪائوٽ جي عهدي جو قسم کنيو. ملڪ جو سربراهه، ملڪ جو چيف اسڪائوٽ، ۽ صوبائي گورنر، صوبي جو چيف اسڪائوٽ ٿيندو آهي. سنڌ مان سيد غوث علي شاهه چيف اسڪائوٽ ۽ سيد غلام مصطفيٰ شاهه 10 سالن تائين پاڪستان اسڪائوٽس ائسوسيئيشن جو نئشنل ڪمشنر رهيو. نظيمي معاملن کي بهتر هلائڻ لاءِ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ائسوسيئيشن کي نون (9) علائقن ۾ ورهايو ويو، جن ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان، آزاد ڪشمير، پاڪستان ريلوي، پي. آءِ. اي، فاٽا ۽ اسلام آباد شامل آهن. اسڪائوٽ تحريڪ ۾ عمر جي حساب سان اسڪائوٽن کي ٽن شعبن ۾ ورهايو ويو آهي. 7 سالن کان 11 سالن جي عمر وارن ٻارن کي ”شاهين اسڪائوٽ“، 11 سالن کان 17 سالن جي عمر وارن نوجوان کي ”بواءِ اسڪائوٽ“ ۽ 17 کان 25 سالن جي عمر وارن کي ”روور اسڪائوٽ“ سڏيو ويندو آهي. هن وقت پاڪستان ۾ تقريباً چار لک اسڪائوٽ ۽ اسڪائوٽ ليڊر موجود آهن.


لفظ اسڪائوٽنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو