داخلا نمبر 1291
عنوان اشتراڪيت
شاخ سماج
پڙهيو ويو 254 ڀيرا
داخلا جو حوالو

اشتراڪيت

اِشتراڪيت: حڪومت جو اهڙو سرشتو، جنهن ۾ ملڪ جي ملڪيت ۾ سڀني جو هڪ جيترو حصو هجي. اهو معاشي نظريو، جيڪو نجي ملڪيت جو مخالف ۽ دولت جي عوامي استعمال جو حامي هجي، اُن کي ”سوشلزم“ چئبو آهي.
انگلستان ۾ صنعتي انقلاب ارڙهين صديءَ ۾ شروع ٿيو، ۽ پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويو. ان جي نتيجي ۾ سرمائيداريءَ جو سماجي نظام اُڀريو، ان جي خلاف اشتراڪيت جي نظريي ”انقلابي“ رخ اختيار ڪري ورتو، اهو متبادل سماجي نظام طور سوويت يونين ۾ 1917ع ۾ نافذ ٿيو ۽ پوءِ دنيا ۾ ٻيون اشتراڪي رياستون به وجود ۾ آيون، سوويت يونين جي اشتراڪي مملڪت 70 سال قائم رهي. (وڌيڪ ڏسو: سوشلزم)


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

سماج - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبادڪاري
آبادِي
بابي تحريڪ
ارغون
ٻلو (اعزاز)
اشتراڪيت
اعرابِي
آدمشماري
بڪڪ
ادباڻي
سماج ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون