اشرف علي سمون

اشرف علي سمون: ليکڪ ۽ محقق اشرف علي ولد حاجي عباس سمون، 5 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ’پيلوڙي سما‘ تعلقي اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڏيپلي مان ۽ مئٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول جهڏي مان 1987ع ۾ پاس ڪيو. انٽرميڊئيٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مٺيءَ مان ۽ گريجوئيشن ڊگري ڪاليج ماتليءَ مان ڪئي. اشرف علي سمي اٺين ڪلاس کان لکڻ جي شروعات ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ”ٿر هڪ تشريحي ببليو گرافي“ (2004ع)، (2) ”تاريخ سنڌ“ (مولانا عبدالحليم شرر: ترجمو: 2007ع) ۽ (3) ”اسلام ۾ عورتن جا حق“ (ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جي ڪتاب جو ترجمو) شامل آهن. سندس ذاتي لائبرري ”شھيد مخدوم بلاول سمون لائبرريءَ“ ۾ پنج هزار کان وڌيڪ ڪتاب رکيل آهن، جن ۾: مولانا ابو الڪلام آزاد جا ۽ ان بابت هڪ سؤ پنجاهه ڪتاب، سندس مشھور هفتيوار اخبار ”الهلال“ ۽ ”البلاغ“ جا مڪمل فائيل موجود آهن. ان کان علاوه مرزا غالب ۽ علامه اقبال بابت وڏو علمي ذخيرو ۽ سنڌ جي تاريخ بابت انگريزي ۽ فارسي جا اصل ماخذ ۽ ترجما، عربي، فارسي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي لغتون وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سنڌي ادبي بورڊ جي ٽه ماهي رسالي ’مهراڻ‘ جا 1955ع کان 2020ع تائين تقريباً سڀئي شمارا، ’نئين زندگي‘ ۽ ’پيغام‘ رسالي جا فائيل به هن لائبريري ۾ محققن جي مدد لاءِ موجود آهن. اشرف سمون ڪجهه عرصي لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو. هن وقت اسلام ڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.05  عيسوي

اشرف علي سمون: ليکڪ ۽ محقق اشرف علي ولد حاجي عباس سمون ، 5 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ’ پيلوڙي سما ‘ تعلقي مٺي ، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رجب علي جبو خان جيڻو
الرازي
پاٽائي عبدالواحد ڪبير
ڀائي ڪنيا
اوستو سچيڏنو
جئرام جوڳي
الهه بخش سگهڙ 1
ادريس جتوئي
محمد صادق ڊاڪٽر سيال
قاضي عبدالله سيوستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون