اصحاب صفه

اصحاب صُفه: ”صفه“ عربيءَ ۾ سائبان کي چئبو آهي ۽ انهيءَ ٿلهي کي به چئبو آهي، جنهن تي ڪانن جي ڇپر جي ڇانءَ هجي. نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم مديني ۾ مسجد ٺاهي ته ان جي اُتر اوڀر واري حصي ۾ اهڙن مسلمانن لاءِ، جن جو ڪو گهر ٻار نه هو، هڪڙو چبوترو اڏائي، ان تي ڇپر وجهرائي ڇڏيو. جيڪو ٻاهران اڪيلو مسلمان مسافر ايندو هو، اُهو انهيءَ ڇپر ۾ ويهي رهندو هو. اهي اصحاب رات ڏينهن نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم جا ارشاد ٻڌندا هئا ۽ کانئن قران شريف سمجهندا هئا. انهن کي وقت بوقت اسلام جي تبليغ لاءِ ٻين هنڌن تي موڪليو ويندو هو. انهن اصحابن جو اهو دستور هوندو هو ته هڪ ٻه ڄڻا جهنگ ۾ نڪري ويندا هئا ۽ ڪاٺيون وڍي يا گڏ ڪري وڪڻندا هئا. انهن جي وڪري مان جيڪا رقم ملندي هئي، ان مان سڀني جي کاڌي پيتي جو انتظام ڪندا هئا.
نبي سڳورا صلي الله عليه وسلم خود صدقي جي رقم انهن تي خرچ ڪندا هئا. سعد بن عباد ڪڏهن ڪڏهن 80- 80 ماڻهو وٺي ويندو هو ۽ انهن کي ماني کارائيندو هو. ڪي اصحاب کجور جون ٽاريون ڀڃي ايندا هئا ۽ مسجد ۾ ٽنگي ڇڏيندا هئا. کجور جي جيڪا ڳڙي ٽاريءَ مان پچي ڪرندي هئي، اُها اصحاب صفه کائي ڇڏيندا هئا. ابوهريره، ابوالبابه، ابوذر غفاري ۽ ڪي ٻيا اڪابر اصحاب صفه ۾ شمار ٿين ٿا.


لفظ اصحاب صفهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو