اصحاب ڪهف

اصحاب ڪهف: يعني ”غار وارا اصحاب“، جن دقيانوس بادشاهه جي ظلم کان تنگ ٿي پنهنجي عقيدي جي حفاظت خاطر هڪڙيءَ غار ۾ پناهه ورتي هئي. مشهور جاگرافيدان يعقوب ابن عبدالله حمويءَ (1179_ 1229ع) پنهنجي ڪتاب ”مجمع البلدان“ ۾ لکي ٿو ته اصحاب ڪهف واري غار، روم جي هڪڙي شهر ”البس“ ۾ هئي. اُهي تعداد ۾ ست ڄڻا هئا، جيڪي انهيءَ غار ۾ صدين تائين سُتا پيا هئا (قرآن حڪيم ۾ آهي ته انهن غار ۾ ٽي سؤ نَوَ سال آرام ڪيائون) انهن سان گڏ هڪڙو ڪتو به هو، جنهن کي ’قطمير‘ سڏيندا هئا.


لفظ اصحاب ڪهفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو