داخلا ؛ 1309
پڙهيو ويو ؛ 300
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-11


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--اصحابي

ٽائيٽل ؛ اصحابي


شاخ : قبر

اصحابي: همير جي ڀڙي کان -اتر- طرف کٻڙن جي ويڙهه ۾ هڪ وڏي قبر آهي، جنهن لاءِ اهو مشهور آهي ته اها قبر ڪنهن اصحابيءَ بزرگ جي آهي، جيڪو -اسلام- جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيو هو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس قبر تقريباً 15 فٽ ڊگهي آهي. هن لاءِ صديق فقير صادق جي روايت آهي ته کيس ڪشف جي ذريعي اهو معلوم ٿيو ته قبر وارو بزرگ -اصحابي- آهي، تنهنڪري سڀ ماڻهو هن جي تعظيم خاطر هتي ايندا آهن ۽ ختمو بخشي هليا ويندا آهن.
”اصحابي“ رسول پاڪ جي صحبت ۾ ويهندڙن کي چيو ويندو آهي. بعد ۾ اصطلاحن بزرگن کي سڏيو ويو، جيئن: ”عبدالله شاهه اصحابي“ وغيره.
مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پنهنجي -تصنيف- ”بياضِ هاشمي“ ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ”حضور صلي -الله- عليه وسلم -جن- سنڌ ۾ تبليغ لاءِ پنج -اصحابي- موڪليا، -جن- مان ٻه واپس ويا ۽ باقي -ٽن- سنڌ ۾ ئي وفات ڪئي.“




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اصحابي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اصحابي - مان نڪتل ٻيون شاخون-
اَبوذر غفاري حضرت
ابو هريره
بلال رضي الله عنه
ايوب انصاري حضرت
ابو ايوب انصاري رضي الله عنه
ثابت بن دحداح
ثابت بن ضحاڪ
ثابت بن قيس
جابر بن عبدالله الانصاري


قبر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اصحابي
اصحابي جي قبر


.....قبر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن