اصطخرِي

اَصطَخرِي: مشهور مسلمان جاگرافيدان، جيڪو ڏهينءَ صدي عيسويءَ جي پهرئين اڌ جو عالم هو، اصطخري يعني ’پرسي پوليس‘ (ايران) ۾ ڄائو، تنهنڪري ”اصطخري“ سڏجي ٿو. هن شهر شهر گهمي مختلف هنڌن جا حالات گڏ ڪيا. جاگرافيءَ جي گهڻن ڪتابن مان به معلومات گڏ ڪيائين. سن 934ع ۾ پنهنجو ڪتاب ”المسالڪ والممالڪ“ جي نالي سان مرتب ڪيائين، جنهن ۾ سنڌ جو به ذڪر آهي. هن 957ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو