اعتزاز احسن

اعتزاز احسن

اعتزاز احسن

اعتزاز احسن: پاڪستان جو مشهور وڪيل، دانشور ۽ سياستدان اعتزاز احسن 27 سيپٽمبر 1945ع تي ڄائو. سندس والد چوڌري محمد احسن عليگ، پرجوش مسلم ليگي اڳواڻ هو. سندس والده مسلم ليگ جي عورتن واريءَ شاخ جي ڊويزنل منتظم هئي. اعتزاز احسن شروعاتي تعليم ايچي سن ڪاليج لاهور مان حاصل ڪئي. گورنمينٽ ڪاليج لاهور مان گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ڪئمبرج يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو ۽ اُتان بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪري واپس وطن پهچي، سي ايس پيءَ جو امتحان ڏيئي، پاڪستان ۾ پهرين پوزيشن کنيائين. عملي سياست جو آغاز پيپلزپارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ سان ڪيائين ۽ اڄ تائين اُن سان وابسته آهي. 1970ع وارين عام چونڊن ۾ پنجاب اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿي، پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت ۾ اطلاعات جو وزير مقرر ٿيو. ان کان پوءِ چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿي، قانون ۽ انصاف جو وزير، وزير داخلا ۽ وزير تعليم مقرر ٿيو. اعليٰ عدالتن ۾ ڪيترن ئي سياسي قيدين جي مقدمن جي پيروي ڪيائين، جن ۾ محترمه بينظير ڀٽو به شامل آهي. پنهنجن سياسي نظرين سبب ڪيترائي ڀيرا جيل ۾ به ويو آهي. آئين جو ماهر، سپريم ڪورٽ جو اعليٰ وڪيل ۽ سينيٽ جو ميمبر آهي. پاڻ شاعر به آهي ته محقق به. سندس تصينف ”انڊس ساگا ائنڊ ميڪنگ آف پاڪستان“ مشهور آهي. 2008ع کان 2009ع تائين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي معطليءَ کان پوءِ سندس بحاليءَ ۽ عدليه جي آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيائين.


لفظ اعتزاز احسنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.09.27  عيسوي

پاڪستان جو مشهور وڪيل، دانشور ۽ سياستدان اعتزاز احسن 27 سيپٽمبر 1945ع تي ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پير شيخ جيئو
شاهه حبيب
امام بخش شاهه فدوي
عبدالباقي صديقي بکري
چغدي بيگ
بهرام سھراب رستم جي
خيرو درس
خادم حسين انڙ
ايوب گاد
ڀائي خان شر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون