داخلا نمبر 1353
عنوان اعجاز علي خان ٽالپر
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 391 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اعجاز علي خان ٽالپر

اعجاز علي خان ٽالپر

اعجاز علي خان ٽالپر

اعجاز علي خان ٽالپر: سياستدان، ويٺل شهر ٽنڊومحمد خان، فيبروري 1933ع ۾ سنڌ جي مشهور سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر جي گهر ۾ ڄائو. آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان زراعت ۾ ڊپلوما ڪيائين ۽ نوجوانيءَ ۾ ئي پنهنجي اباڻي علائقي مان سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1954ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ حيدرآباد جو وائيس چيئرمئن چونڊيو. ايوب خان جي مارشل لا ۾ يونين ڪائونسلن جو سلسلو هليو ته پنهنجي شهر ٽنڊي محمد خان جو وائيس چيئرمئن چونڊيو. 1962ع ۾ پنهنجي والد جي وفات تي قومي اسيمبليءَ ۾ خالي ٿيل سيٽ تي ميمبر منتخب ٿيو. 1963ع ۾ عوامي جمهوريه چين جي انقلاب واري ڏهاڙي تي پاڪستاني وفد ۾ شامل ٿي ويو. 1965ع ۾ پاڪستان مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ممتاز ڀٽي جي وزارت ۾ آبپاشيءَ ۽ بجليءَ جو وزير رهيو. 1977ع جي عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1985ع وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ مسلم ليگ جي حڪومت ۾ صوبائي وزير رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو