داخلا نمبر 1357
عنوان اعجاز عليم عقيلي
شاخ صحافي
پڙهيو ويو 405 ڀيرا
داخلا جو حوالو
اعجاز عليم عقيلي

اعجاز عليم عقيلي

اعجاز عليم عقيلي

اعجاز عليم عقيلي: ناليوارو صحافي، اديب ۽ ٽي. وي پروڊيوسر، اعجاز عليم عقيلي 9 آگسٽ 1953ع تي ٺٽي ۾ ڄائو. هن پهرئين درجي کان وٺي هر امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪئي. 1963ع ۾ ننڍڙي ڄمار ۾ شاعري ڪيائين ۽ پنجين، ڇهين درجي دوران سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽي جو جوائنٽ سيڪريٽري منتخب ٿيو. سندس علمي ادبي تربيت ۾ سندس استاد محسن عباسيءَ جو وڏو هٿ آهي. اعجاز عليم عقيلي جڏهن نائين ڪلاس ۾ پڙهندو هو، ان وقت ’مڪلي پبليڪيشن‘ جي نالي سان هڪ ادبي رسالو شروع ڪيائين.
مئي 1972ع ۾ جڏهن ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو سنڌي اخبار هلال پاڪستان نڪتي ته هي ان جو سب ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ شاگردن جي صفحي جو انچارج ٿيو. اهڙيءَ طرح هن کي اهو فخر حاصل آهي ته هو هلال پاڪستان اخبار جي باني ڪارڪنن مان آهي. عقيلي صاحب هڪ سال تائين صحافت ڪئي هڪ سال نيشنل بينڪ ور ضلعي ٺٽي ۾ملازمت ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي ۾ انفارميشن آفيسر مقرر ٿيو. هڪ سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ استعيفيٰ ڏنائين ۽ 1974ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن (PTV) تي هڪ سال ٽريني پروڊيسوسر جي ٽريننگ ڪيائين ۽ ٽريننگ مڪمل ڪرڻ بعد پروڊيوسر ٿيو. ان کان اڳ شمس عقيليءَ جي نالي سان شاعري ڪندو هو. هن آزاد نظم کي پي. ٽي ويءَ تي پهريون ڀيرو منظور سخيراڻيءَ کان ڳارايو. پي. ٽي ويءَ تي اچڻ کان پوءِ هن ڪافي پروگرام ڪيا، جن ۾ ’رتي رهاڻ‘ (جيڪو اڳتي هلي ’اوطاق‘ ۽ ’ڪچهريءَ‘ ۾ تبديل ٿيو)، ڊراما، دستاويزي فلمون، ’حالات حاضره‘، ’روشن تارا‘ (ٻارڙن جو پروگرام)، زرعي پروگرام، موسيقيءَ جا پروگرام ۽ اسٽيج شو وغيره اچي وڃن ٿا. هن جي مقبول پروگرامن ۾ وينجهار، پرک، رتي رهاڻ، تند تنوار، مهراڻ رنگ ۽ سنڌ سينگار شامل آهن. هن پي ٽي ويءَ تان گهرا گهاءَ، معذورن جو عالمي ڏينهن، ديسي سيڻ ڪجن ۽ ٻيا ڊراما ٽيلي ڪاسٽ ڪيا. عقيلي صاحب جديد موسيقي يعني ڊسڪو کي پي ٽي ويءَ تي سنڌيءَ ۾ متعارف ڪرايو. هن ڪوئيٽا جي پي ٽي وي سينٽر تان به ڪافي ڊراما بلوچي، براهوي ۽ پشتو پروگرام ڪيا، ان کانسواءِ مشهور بلوچي سيريل ”صحبِ اسٽار“ (صبح جو تارو) هلايائين جنهن۾ مڱڻهارن جي ڪردار کي مٿانهون ڪري ڏيکاريائين، جڏهن ته مڱڻهارن کي سماج ۾ گهٽ نظر سان ڏٺو ويندو آهي. هن ڊرامي جي اهميت ۽ مقبوليت کي ڏسي ان دور جي سمورن بلوچ اڳواڻن، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن اعجاز عليم عقيلي جي مان ۾ دعوت ڪئي جيڪا ڳالهه هن جي زندگي جو اهم واقعو آهي. سرڪاري طور هالئنڊ مان 1989ع ۾ ماڊرن پروگرام پراڊڪشن جي سکيا وٺي آيو. بيلجيم، جرمني، سعودي عرب، پئرس ۽ دبئي گهمي چڪو آهي. عقيلي صاحب ضلعي بدين ۾ ماڪڙ بابت دستاويز فلمون ٺاهيون. کيس ڀٽائي اوارڊ ۽ ٻيا ڪافي اوارڊ ملي چڪا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.08.9  عيسوي

اعجاز عليم عقيلي 9 آگسٽ 1953ع تي ٺٽي ۾ ڄائو



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم اڪبر قاضي
اسلم خواجا
اشتياق اظهر
اعجاز حسين مهر
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز منگي
الطاف حسين قريشي
برڪاتي مسعود احمد
الياس شاڪر
امداد سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون