داخلا نمبر 1400
عنوان اعجاز منگي
شاخ صحافي
پڙهيو ويو 604 ڀيرا
داخلا جو حوالو
صحافي اعجاز منگي

صحافي اعجاز منگي

اعجاز منگي

اعجاز منگي: نوجوان صحافي ، ڪالم نگار ۽ شاعر اعجاز منگي ولد نجم الدين منگي ،اعجاز منگي 12 آڪٽوبر 1965ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو . هن پرائمري تعليم صدر پرائمري اسڪول شڪارپور مان حاصل ڪئي . مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۽ انٽر سي . ائنڊ ايس . ڪاليج شڪارپور مان ڪيائين . ان کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٻه سال ” فلسفي “ جي تعليم ورتائين . ايم . اي ( انگريزي ) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين .
اعجاز منگيءَ مئٽرڪ واري زماني ۾ 1980ع ڌاري شاعري شروع ڪئي . ٻه سال لاڳيتو سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو شاعريءَ ۾ شاگرد رهيو ، نتيجي طور هن جي شاعريءَ ، خاص ڪري بيت ۽ نظم ۾ اياز جو رنگ ۽ رواني موجود آهي . اعجاز منگيءَ صحافت ۾ روزاني ” سنڌ نيوز “ کان شروعات ڪئي . ” عبرت مئگزين “ جي ايڊيٽوريئل بورڊ جو ميمبر ، روزاني ڪاوش جي ايڊيٽوريل صفحي جو انچارج به رهيو آهي . روزاني ” سنڌ “ جو ايڊيٽر ۽ ڪالم نگار ۽ روزاني ” تعميرِ سنڌ “ جو ڪالم نگار رهي چڪو آهي . ان کان سواءِ هن جا ڪجهه ڪالم روزاني ” خادم وطن “ ۽ روزاني ” سچ “ ۾ ڇپيا آهن . اردو هفتيوار ” فاتح “ ۽ انگريزي اخبار “ The News ” ۾ به ’فري لانسر ‘ طور لکندو رهيو آهي . نوجوان شاعر ۽ ڪالم نگار سردار شاهه سان گڏ ” افيئر “ رسالي جا ڪجهه پرچا ڪڍيائين . هن جو هڪ منظوم ڊرامو ” مڪليءَ مٿان وڄ “ ، ماهنامي ’پروڙ ‘ ۾ شايع ٿيو . ان منظوم ڊرامي ۽ سندس ٻئي هڪ طويل نظم ” گورباچوف “ ڪافي مقبوليت ماڻي . سندس آخري نظم ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيل آهي . هن ، غزل جي شاعر غلام نبي مغل جي شعري مجموعي ، مشهور سياح الطاف شيخ ۽ محمد قاسم ٻگهيي جي خاڪن جي ڪتابن جا مهاڳ پڻ لکيا آهن . سندس نثر شاعراڻو ۽ چس دار هوندو آهي ، ان ڪري سندس ڪالم نوجوانن ۾ ڪافي مقبول آهن . ڪڏهن ڪڏهن ڪالمن ۾ متنازعه ٿي ويندو آهي ، جنهنڪري تنقيد جو شڪار پڻ رهندو آهي . اعجاز منگي ٻارڙن جي جماعت ’ساٿي ٻارڙا سنگت ‘ جو مرڪزي سرپرست ، ڊئموڪرئٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ، سنڌي ادبي سنگت شڪارپور ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف سنڌ جو ميمبر رهي چڪو آهي . سال 2006-7-27 کان 2008-4-16 تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري رهيو . هن وقت اردو ’امت ‘ اخبار اسلام آباد ۾ بيورو چيف آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.10.12  عيسوي

نوجوان صحافي ، ڪالم نگار ۽ شاعر -اعجاز منگي- ولد نجم الدين منگي ، -اعجاز منگي- 12 آڪٽوبر 1965ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اسلم اڪبر قاضي
اسلم خواجا
اشتياق اظهر
اعجاز حسين مهر
اعجاز عليم عقيلي
اعجاز منگي
الطاف حسين قريشي
برڪاتي مسعود احمد
الياس شاڪر
امداد سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون