داخلا ؛ 1362
پڙهيو ويو ؛ 408
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-13


تصويرون




ٽائيم لائين

1930.01.03-A.D
ڪامريڊ اعزاز نظير 3- جنوري 1930ع تي ڄائو

1998.02.4-A.D
اعزاز نظير ڊاڪٽر، ڪامريڊ 4 فيبروري 1998ع تي گذاري ويو




sindhianaسنڌيانا--اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ

ٽائيٽل ؛ اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ


شاخ : سياستدان

اعزاز نظير ڊاڪٽر، ڪامريڊ: ڪامريڊ اعزاز نظير حيدرآباد دکن جي محلي گوشه محل ۾ 3- -جنوري- 1930ع تي هڪ مذهبي گهراڻي ۾ ڄائو. سندس والد درگاهه حضرت عبدالله جنوني جو سجاده نشين هو. شاگرديءَ جي زماني ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو ميمبر ٿيو. جيڪا ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ذيلي تنظيم هئي. -ان- زماني ۾ تلنگانه هاري تحريڪ هلي ته شاگردن -ان- جي حمايت ۾ تحريڪ هلائي. سندس سرگرمين سبب گرفتاري وارنٽ -جاري- ٿيا ته هو لڪي، مئي 1951ع ۾ -پاڪستان- جي شهر ڪراچيءَ ۾ پهتو. هتي پهچڻ بعد حيدرآباد دکن سان واسطو رکندڙ -ترقي- پسند نوجوانن سان گڏجي سياسي سرگرميون شروع ڪيائين. ادبي گڏجاڻين دوران سندس ملاقات ڪامريڊ عزيز سلام بخاريءَ سان ٿي ۽ سندس رهنمائيءَ ۾ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ڪراچيءَ ۾ جڏهن ڪميونسٽن ۽ مزدور اڳواڻن خلاف حڪومت وٺ پڪڙ تيز ڪئي ته مکيه ڪارڪن سنڌ جي اندرين علائقن ۾ پهتا ۽ اتي نالا مٽائي ڪم ڪرڻ لڳا. هن پنهنجو نالو ڊاڪٽر نظير رکيو. -پارٽي- جي فيصلي تحت ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، -امام- علي نازش، ڪامريڊ شرف بخاري، سائين عزيز -الله- جي رهنمائيءَ ۾ حيدرآباد، ڪوٽڙي، سکر، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ خفيه طور هارين ۽ مزدورن ۾ ڪم -جاري- رکيو. اعزاز نظير خيرپور، سکر ۽ روهڙيءَ ۾ پارٽيءَ جي ڪل وقتي ڪارڪن يعني پيشور انقلابي جي حيثيت سان مختلف محاذن تي ڪم ڪيو. هو نيشنل عوامي -پارٽي- ۾ به سرگرم رهيو. -ان- تي بندش پوڻ تي نيشنل ڊيموڪريٽڪ -پارٽي- ۽ پوءِ مير غوث بخش -بزنجو- جي -پاڪستان- نيشنل -پارٽي- ۾ ڪم ڪيائين. 1977ع ۾ پارٽيءَ جي فيصلي تحت نيشنل پروگريس -پارٽي- ٺاهي وئي ته هي -ان- جو صدر ٿيو. هن خان عبدالولي خان، مير غوث بخش بزنجي ۽ ٻين مکيه سياستدانن سان گڏ آزاد -پاڪستان- پارٽيءَ کان وٺي عوامي جمهوري پارٽيءَ ۾ ڪم ڪيو. ساڳي طرح لانڍي، ڪورنگيءَ جي مزدور يونين کان وٺي -پاڪستان- ورڪرز فيڊريشن تائين انيس هاشمي، نبي احمد، شميم واسطي سان گڏجي پورهيتن لاءِ ڪم ڪيو. هو مختلف وقتن تي جيلن ۾ رهيو پر هو سڄو عرصو ڪميونسٽ -پارٽي- سان وابسته رهيو. 4 فيبروري 1998ع تي گذاري ويو.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن