داخلا ؛ 1385
پڙهيو ويو ؛ 1131
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-02-14


تصويرون


Allama-Mohammad-Iqbal.jpg
شاعر مشرق علامه محمد اقبال
شاعر مشرق علامه محمد اقبال



ٽائيم لائين

1877.11.09-A.D
علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو

1938.04.21-A.D
علامه اقبال 21 اپريل 1938ع تي لاڏاڻو ڪيو




sindhianaسنڌيانا--اقبال علامه ڊاڪٽر

ٽائيٽل ؛ اقبال علامه ڊاڪٽر


شاخ : شاعر

اقبال، علامه، ڊاڪٽر: شاعر مشرق علامه ڊاڪٽر محمد اقبال سيالڪوٽ ۾ 9 نومبر 1877ع ۾ پيدا ٿيو. هن جو تعلق ڪشميري -برهمڻ- خاندان سان هو، جيڪو خاندان سوا ٻه سئو سال پهرين -اسلام- قبول ڪري چڪو هو ۽ ڪشمير مان لڏي سيالڪوٽ ۾ اچي -آباد- ٿيو. سندس والد جو نالو شيخ نور محمد ۽ والده جو نالو -امام- بيبي هو. ننڍڙي اقبال کي ابتدائي -تعليم- لاءِ مڪتب ۾ ويهاريو ويو ۽ بعد ۾ 1883ع ۾ اسڪاچ مشن -بهائي- اسڪول ۾ داخل ٿيو، -جتي- کيس عربي ۽ فارسي علمن جي -تعليم- لاءِ سيد مير حسن جهڙو -استاد- ۽ رهبر مليو. 1899ع ۾ پنجاب يونيورسٽيءَ مان فلسفي ۾ ايم. اي ڪيائين ۽ ڪجهه عرصو اورنٽيئل ڪاليج ۽ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ (1903ع 1905ع) فلسفي ۽ -تاريخ- جو -استاد- رهيو. ”علم الاقتصاد“ سندس انهيءَ دور جي -تصنيف- آهي. 1905ع ۾ بئريسٽري لاءِ انگلينڊ ويو، سيپٽمبر 1905ع ۾ ٽرنٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو ۽ -جولاءِ- 1907ع ۾ گريجوئيشن ڪيائين. 12 -آگسٽ- 1907ع تي جرمن جي سومونڪ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان ادب ۾ ڊي. لٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.
علامه اقبال -جولاءِ- 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪيو، ڪجهه مهينا يونيورسٽي ڪاليج لنڊن ۾ پروفيسر آرنلڊ جي وڃڻ کانپوءِ -ان- جي جڳهه تي عربيءَ جو -استاد- مقرر ٿيو، پوءِ گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۾ فلسفي جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1913ع تائين اها خدمت سرانجام ڏنائين. 1922ع ۾ حڪومت -برطانيا- سندس ادبي خدمتن جي سلسلي ۾ کيس ”سر“ جو خطاب ڏنو. 1928ع ۾ مدراس حيدرآباد ۽ علي ڳڙهه ۾ ليڪچر ڏنائين ۽ 27 سيپٽمبر 1931ع ۾ ٻي گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن ويو، لنڊن ۾ قيام دوران مختلف انجمنن ۽ تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ کان سواءِ اسلامي ملڪن جي معزز شخصيتن سان ملاقاتون ڪيائين. -ٽين- گول ميز ڪانفرنس ۾ ارسٽو ٽولين سوسائٽيءَ جي اهتمام هيٺ لنڊن ۾ ”ڪيا مذهب ڪا امڪان هي“ جي موضوع تي تقرير ڪيائين. -ٽن- هفتن کانپوءِ -اسپين- جي سياحت لاءِ روانو ٿيو ۽ انهيءَ سياحت دوران ڪجهه -اردو- نظم لکيائين، -جن- ۾ مشهور نظم ”مسجد قرطبه“ به شامل آهي. 26 -جنوري- 1933ع تي -اسپين- مان واپسيءَ وقت پيرس پهتو ۽ 1933ع جي آخر ۾ -افغانستان- جو دورو ڪيائين. علامه صاحب 1935ع ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي انتقال کانپوءِ بيمار رهڻ لڳو. انهيءَ ڪري وڪالت به ڇڏي ڏنائين. -ڀوپال- جي نواب سندس اها حالت ڏسي هن لاءِ 500 رپيا ماهوار وظيفو مقرر ڪيو. سندس هيٺيون تصنيفون (1) علم الاقتصاد (1903)، (2) تشڪيل جديد الاهيات اسلاميه، (3) -ايران- مابعد الطبيعيات ڪا ارتقا، (4)- اسرار خودي (فارسي)، (5)- رموز بيخودي (فارسي)، (6)- پيام مشرق (فارسي)، (7)- بانگ درا (اردو)، (8)- زبور عجمه (فارسي)، (9)- جاويد نامه (فارسي)، (10)- -بال- -جبريل- (اردو)، (11)- ضرب ڪليم (اردو)، (12)- پس چه بايد کرد، (13)- اي اقوام شرق، (14)- ارمغان حجاز (فارسي)، (15)- آئينه عجم (فارسي شاعرن جو انتخاب)، کانسواءِ علامه صاحب درسي ڪتاب به لکيا، اقبال جي استادن ۾ شڪارپور تعلقي جو علامه علي محمد ڪاڪيپوٽو به شامل هو. جنهن کيس فلسفي ۽ منتق جي -تعليم- ڏني.
علامه اقبال 21 -اپريل- 1938ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو ۽ کيس -بادشاهي مسجد- لاهور جي دروازي ويجهو دفن ڪيو ويو. علامه صاحب جي مثنوين جو منظوم سنڌي ترجمو لطف -الله- -بدوي- ڪيو آهي.




رايا ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
حوالو ؛

ڇا اوهان وٽ -اقبال علامه ڊاڪٽر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اقبال علامه ڊاڪٽر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شاعر - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
ارشاد عباسي
ارشد هالائي
ارم محبوب
استاد بخاري
اسحاق آهنگر
اسحاق راهي
اسحاق سميجو
اسد الله شاهه بيخود حسيني
اسد بيگ اسد مرزا
اسد چاچڙ
اسلم خيال
اسلم عباسي
اسماعيل اداسي
اسير ملاح
اطهر منگي
اعجازالحق قدوسي
افتخار عارف
افضل قادري
اقبال رند
اقبال شينو
اقبال علامه ڊاڪٽر
اصغر سائين
اڪبر ساگر
اڪرام ساگر عباسي
الانا جِي
بردو سنڌي
الطاف عباسي
الطاف ملڪاڻي
برڪت بلوچ
الهه بخش سرشار عقيلي
الهنواز نواز رُڪڻائي
الهورايو اُداسي بِهڻ
الياس عِشقِي ڊاڪٽر
ابراهيم خليل
ابراهيم خليل ڊاڪٽر
ابراهيم منشي
امام بخش خادم
امام علي شاهه
آخوند عبدالرحمان چانڊيو
امداد جتوئي
امداد جعفري
امداد حسيني
آخوند عبدالقادر بيدل
امر اقبال
آخوند فقير محمد عاجز
امر ساهڙ
ابو البقا ملا ٺٽوي
آخوند گل محمد ھالائي خليفو
بسمل ٽکڙائي
آخوند لطف الله لطف قريشي
بسنت ڪمار رائچنداڻي
بشير احمد بشير
آخوند محمد قاسم هالائي
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
اٽل مل بينام
آدم هنڱورجو
اميد خيرپوري
اميد علي ڪلهوڙو
اميد علي لغاري
امير بخاري
اميربخش امير قريشي
امير بخش نظر سنڌي
امير خسرو
امين محمد ثاني هالائي مخدوم
احسان علي
احسان فقير لانگاهه
احسن الهاشمي
احسن حافظ محمد چنا
احمد بخش احمد مورائي
احمد بخش بدوي
احمد خان اختر
احمد خان گلزار
احمد خان مدهوش
احمد سليم
احمد سولنگي
احمد علي شاهه
احمد فراز
بشير بيوس اوٺو
احمد ملاح مولوي
بشير سيتائي
اختر انصاري اڪبرآبادي
اختر درگاهي
انجم هالائي
ادراڪي بيگلاري
بکر شيخ
آري فقير چانڊيو
آزاد بخاري
آزاد محمد رمضان
ارجن حاسد
ارجن سڪايل


.....شاعر موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن