داخلا ؛ 1514
پڙهيو ويو ؛ 1502
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2012-02-20


تصويرون


Dr.-Ghulam-Ali-Allana.jpg
ناميارو اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا
ناميارو اديب ڊاڪٽر غلام علي الانا



ٽائيم لائين

1930.03.15-A.D
ڊاڪٽر غلام علي الانا ، 15 مارچ 1930ع تي ، ڳوٺ تڙ خواجا ۾ ڄائو




sindhianaسنڌيانا--الانا ڊاڪٽر غلام علي

ٽائيٽل ؛ الانا ڊاڪٽر غلام علي


شاخ : شخصيت

الانا، ڊاڪٽر غلام علي: ڊاڪٽر غلام علي الانا، 15 مارچ 1930ع تي، ڳوٺ -تڙ- خواجا، تعلقي جاتيءَ ۾ هڪ غريب هاريءَ الهڏني جي گهر ۾ ڄائو. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻوليءَ جو پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي موضوع تي علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي رهبريءَ ۾، سال 1971ع ۾ پي. يڇ. ڊيءَ لاءِ مقالو مڪمل ڪيو. سندس رهبريءَ ۾ ڪيترن محققن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتي آهي. شروعاتي -تعليم- پنهنجي ڳوٺ ’تڙ خواجا‘ ۾ ورتائين. ثانوي -تعليم- ميرپور بٺوري مڊل اسڪول ۾، ۽ پوءِ اي- وي اسڪول ٽنڊومحمد خان ۽ پوءِ اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ڪيائين. بي.ا ي آنرس سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب ۾، 1953ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. ايم. اي سنڌي علم و ادب 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين.
ڊاڪٽر الانا -پاڪستان- ۾ پهريون شخص آهي، جنهن علم لسانيات ۽ علم صوتيات ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ مان 1963ع ۾ ايم. اي ڪئي.
ڊاڪٽر الانا پنهنجي سڄي زندگي درس ۽ تدريس لاءِ تعليمي ادارن ۾ گذاري. تعليمي ميدان ۾ الانا صاحب پنهنجي خدمت جو آغاز -ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد- جو هڪ -استاد- جي حيثيت سان ڪيو. 1952ع ۾ اُتي -استاد- مقرر ٿيو، ۽ پوءِ اتان 1954ع ۾ پهرين گورنمينٽ هاءِ اسڪول -ٺٽي- ۽ پوءِ سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، -جتي- 26 -جنوري- 1958ع تائين رهيو، تنهن کانپوءِ ڊاڪٽر الانا صاحب کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو. جتان -ترقي- ڪندو، 1976ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. ڊاڪٽر الانا صاحب -جولاءِ- 1963ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۽ پوءِ پروفيسر انچارج ٿي رهيو. 6 -جنوري- 1981ع کان 9 سيپٽمبر 1981ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آرٽس فئڪلٽي جو ڊين ٿي رهيو. ڊاڪٽر الانا سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان سينئر پروفيسر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1990ع ۾ رٽائر ٿيو. 21 جون 1993ع کان وٺي 28 -جولاءِ- 1995ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر ٿي رهيو. جتان 25 -جولاءِ- 1995ع ۾ استعيفا ڏنائين. کيس سال 1996ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جو پروفيسر ايمريٽس مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر الانا 9 -آگسٽ- 1983ع کان وٺي 4 سيپٽمبر 1989ع تائين علامه اقبال اوپن يونيورسٽيءَ -اسلام- -آباد- جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. 22 -جولاءِ- 1998ع کان وٺي -آگسٽ- 2001ع تائين سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جو چيئرمئن رهيو.
سندس تصنيفن جو مختصر وچور هن ريت آهن: ”چور“ (1954ع،”لاش“
(1954ع)، ”ناصر خسرو، ايراني“ (1961ع)، ”منتخب ديوان فاضل“ (1964ع)، ”سنڌي صورتخطي“ (1964ع)، ”سنڌي نثر جي تاريخ“ (1966ع)، ”ادبي اوسر“، (1967ع)، ”سنڌي صوتيات“ (1967ع)، ”سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽلاگ“ (1971ع)،
”علمي آئينو“ (1971ع)، ”سنڌي زبان جي بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي زبان جي وڌايل بنيادي لغت“ (1973ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بُنياد“ (1974ع)، ”سنڌي ليکڪن جي ڊائريڪٽري“ (1974ع)، ”سنڌي پهريون ڪتاب“ (1974ع)، ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ (1977ع)، ”سنڌ جي لساني جاگرافي“، (1979ع)، ”سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس“، (1987ع)، ”زبان -اور- ثقافت“ (1987ع. ”سنڌي معلم“ (1991ع)، Introduction of Sindhi literature (1991), Papers on Sindhi Language & Linguistics (1999)، ”ثقافتي ورثو“ (1999ع)، ”سنڌي لنگئافون پئڪيج“ (2001ع)، ”استادن لاءِ هدايتون-2 جلد“، ”سنڌي ٻوليءَ جي ارتقا“(2007ع)، ”سنڌي صوتيات“، ”History of Sindhi Language and Literature at a Glance”“ جڏهن ته سندس ڪتاب
”سنڌيءَ جو عملي گرامر“ڇپائي هيٺ آهي.
ڊاڪٽر الانا ڪيترين ئي تنظيمن ۾ ميمبر طور پڻ ڪم ڪيو آهي. هن دنيا جا اڪثر ملڪ گهميا آهن ۽ -بين- الاقوامي سيمينارن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي ۽ مقالا -پڙهيا- آهن.
ڊاڪٽر الانا صاحب ڪيترائي قومي ۽ صوبائي اوارڊ حاصل ڪيا آهن .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -الانا ڊاڪٽر غلام علي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

الانا ڊاڪٽر غلام علي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن