داخلا جي تاريخ 2012-02-20
داخلا نمبر 1522
عنوان الاهي بخش سومرو
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 506 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو

الاهي بخش سومرو: الاهي بخش سومرو خانداني سياستدان آهي ، شڪارپور جي سومرا خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ سنڌ جي پراڻي سياستدان حاجي مولابخش سومري جو پٽ ۽ احمد ميان سومري جو ڀاءُ آهي . اصل ۾ انجنيئر آهي . اين . اي . ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ جو پرنسپال ۽ ڪراچي ترقياتي اداري جو ڊائريڪٽر جنرل به رهي چڪو آهي . شهيد ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت واري زماني ۾ ، برطانيا ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ سفير ٿي رهيو . جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت واري زماني ۾ پهريون ڀيرو وفاقي وزير ٿيو . 1985ع جي چونڊن ۾ بنامقابلي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو . 29 مئي 1988ع ۾ جڏهن جنرل ضياءُ الحق ، محمد خان جوڻيجي جي حڪومت برطرف ڪري ، نگران ڪابينا ٺاهي ته ان ۾ کيس کي وفاقي وزيراطلاعات ۽ نشريات بنايو ويو . 1990ع ۾ ، ۽ پوءِ 1997ع ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو . قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ رهيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو