پير الاهي بخش

پير الاهي بخش

الاهي بخش پير

الاهي بخش، پير: پير الاهي بخش سال 1890ع ۾ سيد آباد'>ڀان سيد آباد ويجهو پير ڳوٺ، ضلعي دادو ۾ ڄائو. هو اڃا 9 سالن جو مس هو ته سندس والد پير نواز علي شاهه گذاري ويو. جنهن بعد کيس مامي پاليو. هي مخدوم موسيٰ جي پيڙهيءَ مان هو، جيڪو مخدوم نوح سرور جو پنجون پٽ هو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سيد آباد'>ڀان سيد آباد مان ۽ ميٽرڪ ناز هاءِ اسڪول، خيرپور مان حاصل ڪئي. بعد ۾ هو اعليٰ تعليم لاءِ علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽي ويو. هو مولانا محمد علي جوهر جي اڳواڻي ۾ هلندڙ خلافت تحريڪ کان گهڻو متاثر هو. ان ڪري ترت ئي علي ڳڙهه يونيورسٽي ڇڏي جامع مليه اسلاميه ۾ داخلا ورتائين ۽ اتان بي. اي جو امتحان پاس ڪيائين. جنهن بعد هو خلافت تحريڪ جي اڳواڻ طور سنڌ موٽيو. کيس سر شاهنواز ڀٽي، ضلع ڪائونسل مان اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ کيس تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ علي ڳڙهه يونيورسٽي موڪليائين، جتان هن اسلامي تاريخ ۾ ايم. اي ڪئي ۽ قانون جو امتحان پڻ پاس ڪيائين. موٽي اچي هن لاڙڪاڻي ۾ قانون جي پريڪٽس شروع ڪئي ۽ ان سان گڏ سياست ۾ به پير پاتائين. 1937ع ۾ هو سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو.
پير الاهي بخش سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ ٺاهيو، جنهن جو مقصد بمبئي کان سنڌ جي عليحدگي هو. بعد ۾ خانبهادر الهه بخش سومري جي وڏ وزارت ۾ هو وزير تعليم ٿيو ۽ ڏهن سالن تائين ان عهدي تي فائز رهيو. پير الاهي بخش سنڌي ادبي بورڊ ۽ ايس ايم ڪاليج ڪراچيءَ جي بانيڪارن مان آهي. هو سنڌ مدرسته الاسلام بورڊ جو صدر پڻ رهيو. 1948ع ۾ قائد اعظم کيس سنڌ جو وڏو وزير نامزد ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڀارت مان لڏي آيلن جي آبادڪاري لاءِ هن 1948ع جي آخر ڌاري ڪراچيءَ ۾ پير الاهي بخش ڪالوني جوڙي. 8 آڪٽوبر 1975ع تي گذاري ويو ۽ پويان 5 پٽ ۽ 2 ڌيئر ڇڏيون اٿس. پ پ پ اڳواڻ، سينيئر صوبائي وزير ۽ وزير تعليم سنڌ، پير مظهر الحق سندس پوٽو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.00.00  عيسوي

پير الاهي بخش سال 1890ع ۾ ڀان سيد آباد ويجهو پير ڳوٺ ، ضلعي دادو ۾ ڄائو


1975.09.08  عيسوي

پير الاهي بخش 8 آڪٽوبر 1975ع تي گذاري ويو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اميرعلي شاهه پير
اي ايم قريشي
لال ڪرشن آڏواڻي
اعجاز جکراڻي
اسماعيل راھو
اياز سومرو
انور احمد خان مهر
آفتاب شاهه جيلاني
آغا بدرالدين دراني
امام علي نازش ڪامريڊ
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون