داخلا ؛ 3963
پڙهيو ويو ؛ 1276
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-28


تصويرون


albert-kam-o.jpg
البرٽ ڪامئو
البرٽ ڪامئو



ٽائيم لائين

1913.00.00-A.D
البرٽ ڪامئو ( Albert Camus ) : البرٽ ڪامئو فرانس جو مشهور ناول نگار هو ، جو الجزائر ۾ 1913ع ڌاري پيدا ٿيو

1957.01.00-A.D
البرٽ ڪامئو: هن کي جنوري 1957ع ۾ کيس نوبل پرائيز به مليو

1960.00.00-A.D
ڪامئو 1960ع ۾ رستي تي ڪار جي حادثي ۾ مري ويو




sindhianaسنڌيانا--البرٽ ڪامئو

ٽائيٽل ؛ البرٽ ڪامئو


شاخ : شخصيت

البرٽ ڪامئو (Albert Camus ):البرٽ ڪامئو فرانس جو مشهور ناول نگار هو، جو الجزائر ۾ 1913ع ڌاري پيدا ٿيو. هن جا والدين هسپانوي هئا. سندس پرورش -اتر- آفريڪا ۾ ٿي ۽ هن ڪيئي ملازمتون ڪيون. تنهن کان پوءِ هو فرانس جي راڄڌانيءَ ۾ آيو ۽ صحافت جو پيشو اختيار ڪيائين. 1942ع ۾ هن ”ڌاريو“ (outsider) ناول لکي، شهرت حاصل ڪئي. هو جرمن والار خلاف مزاحمتي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو ۽ ”لڙائي“ -اخبار- (جا چوريءَ ڇپي نڪرندي هئي) جو -ايڊيٽر- هو. -جنگ- جي خاتمي کان اڳ ۾ هن هڪ ناٽڪ ڪَئلي گلا (رومن شهنشاهه) 1939ع ۾ لکيو ۽ -جنگ- دوران ناول ”اجنبي“، ”بيروني ماڻهو“ ۽ ڪجهه دانشورانه مضمون ”سسيفس جي ڏند ڪٿا“ جي نالي سان لکيا. -ان- کان پوءِ هن سياست -ترڪ- ڪري ڇڏي ۽ سارو وقت صحافت کي ڏيڻ لڳو ۽ هن کي -بين- الاقوامي شهرت ناول ”پليگ“ ۽ ڪتاب ”باغي“، ”بغاوت، مزاحمت ۽ موت“ ۽ ڊراما ”قابوءَ سبب ملي. هن کي -جنوري- 1957ع ۾ کيس نوبل پرائيز به مليو. فرانس ۾ جيڪي وڏا اديب ٿيا آهن، -تن- ۾ آندري مالرو، (جيڪو ڊيگال جو ڪلچر منسٽر به هو ۽ جنهن -اسپين- جي -جنگ- -آزادي- ۾ هيمنگوي ۽ ٻين سان گڏ انٽرنيشنل برگيڊ ۾ حصو ورتو هو، وجوديت جي فلسفي تي ڪيترا ڪتاب لکندڙ ناول نويس سارتر، هن جي محبوبا سميون دي بيوار ۽ ڪامئو اچي وڃن ٿا. ڪامئو جو مشهور ناول ”پليگ“فرانس جي -باري- ۾ هڪ تمثيل هئي. ”سسيفس جي ڏند ڪٿا“ واري مضمون ۾ ڪامؤ ڏيکاريو آهي ته هن ڪائنات ۾ خوشي تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿي، جڏهن -انسان- هڪ ڀيرو اهو مڃي ته زندگيءَ کي ٻي معنيٰ نه آهي سواءِ -ان- جي،جا هو -ان- کي ڏئي ٿو. ڪامئو ڪنهن هنڌ سارتر جي وجوديت کي به مڃيندو نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ هن وجوديت تي -تنقيد- ڪندي لکيو هو ته ”اها انهيءَ مابعدالطبيعياتي سمجھاڻيءَ جي جاءِ والاري ٿي، جيڪا هوءَ الٽ پلٽ ڪري چڪي آهي.“ ڪامو ۽ سارتر سياسي اختلاف به ڪافي رکندا هئا، ڇو ته ڪاموءَ هڪ مضمون ۾ لکيو ته: ”سياسي ۽ سماجي -ترقي- ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندي ۽ مڪمل -انقلاب- سان نه ٿيندي، جيئن سارتر ۽ مارڪسٽ چوندا هئا.“ ڪاموءَ جي ناولن ۾ -انسان- ذات ۾ اعتبار واضح آهي. ڪامئو 1960ع ۾ رستي تي ڪار جي حادثي ۾ مري ويو. هن جي ناول “Outsider” جو ترجمو نامور سنڌي اديب ولي رام ولڀ ”ڌاريو“ عنوان هيٺ ڪيو آهي، جيڪو روشني پبلڪيشن ڪنڊياري پاران ڇپجي چڪو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -البرٽ ڪامئو- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

البرٽ ڪامئو - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن