داخلا ؛ 3969
پڙهيو ويو ؛ 2517
پسند ڪيو ويو ؛ 2
تاريخ ؛ 2012-06-28


تصويرون


alberoni-abu-rehan.jpg
البيروني ابو ريحان
البيروني ابو ريحان



ٽائيم لائين

0366.00.00-Hijree
البيروني ابو ريحان: سائنس جي دنيا ۾ ابو ريحان محمد بن احمد البيروني روسي ترڪستان جي مشهور شهر ” خوارزم “ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ” بيرون “ ۾ تاريخ 366هه مطابق 976 ۾ ڄائو .

0976.00.00-A.D
البيروني ابو ريحان: سائنس جي دنيا ۾ ابو ريحان محمد بن احمد البيروني روسي ترڪستان جي مشهور شهر ” خوارزم “ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ” بيرون “ ۾ تاريخ 366هه مطابق 976 ۾ ڄائو .

0440.07.03-Hijree
آخرڪار مسلسل جستجو کان پوءِ ، پنجهتر ورهين جي عمر ۾ تاريخ 3 رجب المرجب سن 440هه مطابق 12 ڊسمبر 1048ع تي غزنيءَ ۾ وفات ڪيائين .

1048.12.12-A.D
آخرڪار مسلسل جستجو کان پوءِ ، پنجهتر ورهين جي عمر ۾ تاريخ 3 رجب المرجب سن 440هه مطابق 12 ڊسمبر 1048ع تي غزنيءَ ۾ وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--البيروني ابو ريحان

ٽائيٽل ؛ البيروني ابو ريحان


شاخ : سائنسدان

البيروني ابو ريحان: سائنس جي دنيا ۾ ابو ريحان محمد -بن- احمد البيروني روسي ترڪستان جي مشهور شهر ”خوارزم“ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”بيرون“ ۾ -تاريخ- 366هه مطابق 976 ۾ ڄائو. -ان- وقت خوارزم جي رياست تي سندس وڏن، احمد -بن- محمد -بن- عراق جي حڪمراني هئي. لفظ ”ابو ريحان“ جي لغوي معنيٰ آهي: ”نازبوءِ جو پيءُ“
ابو ريحان جا وڏا بلڪل غريب ۽ مسڪين هئا. هي ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين هو. هي اهو دور هو، جڏهن خوارزم جي علمي ۽ تمدني -ترقي- عروج تي پهتل هئي ۽ هن علائقي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عالمن جو وڏو تعداد هر وقت درس و تدريس ۾ رڌل رهيو. ابو ريحان به پنهنجي زندگيءَ جو شروعاتي دور ڳوٺ ۾ ابو نصر منصور -بن- عليءَ جي صحبت ۾ گذاريو. جنهن وٽان رياضي، مساحت ۽ هندسه (انگن) وغيره جي علمن ۾ ڪافي مهارت حاصل ڪيائين. اڪثر ڪري پنهنجن ڪلاسين کان فڪر ۽ فلسفي ۾ گوءِ کڻي ويندو هو.
البيروني جڏهن پاڻ ڀرو ٿيو، ته دنيا جي سير و سياحت جو شوق جاڳيس، جنهن ڪري ديس ڇڏي پرديس ڏانهن پنڌ پيو. دنيا جو ڳچ حصو گهميو ۽ آخر هندستان پهتو. هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦرندو رهيو. سنڌ ۽ پنجاب ۾ به ڪجهه وقت رهيو. -بنارس- ۾ مشهور ساڌن ۽ پنڊتن جي صحبت مليس. کانئن سنسڪرت ۽ هندي زبانون سکيو ۽ قديم سنڌ جي حدن، مثلاً ملتان جي ايراضيءَ ۾ پهتو ۽ مقامي تهذيب، ويدانيت ۽ فلسفي جو ڳوڙهو اڀياس ڪيائين. -ان- کان سواءِ سرياني، عربي، فارسي ۽ يوناني زبان جي ڀلي ڀت ڄاڻ حاصل ڪيائين. هندستان جي سفر متعلق ”ڪتاب الهند“ نالي هڪ اهم ڪتاب لکيائين، جنهن ۾ هند ۽ سنڌ جي -تهذيب- ۽ تمدن بابت تفصيلي ۽ معلوماتي احوال ڏنائين. هن قديم سناتن ڌرم جي حوالي سان لکيو آهي ته: ”هندو موحد آهن، هندو ڌرم جي بنيادي -تعليم- ۾ -بت- پرستيءَ جي سکيا ڪا نه ٿي ڏني وڃي. هندو سڌريل، ايماندار ۽ علم وارا آهن، -جن- جي فلسفي مان يونان، مصر ۽ عرب جي عالمن تمام گهرو اثر ورتو.“ اهڙيءَ طرح اڳتي هلي سنڌ جو ذڪر ڪندي لکيو اٿس: ”هتي جي -ٻولي- بلڪل نرالي رنگ ۽ ڍنگ جي آهي.“ هن ڪتاب ۾ -ان- وقت سنڌ ۾ مروج ڏينهن، مهينن، پسار جي شين ۽ عام شين جا مشهور ۽ مروج نالا به ڏنا آهن، جيڪي خاص طرح سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل آهن. انهن مان سنڌي زبان جي قدامت ۽ لغوي وسعت جو بخوبي ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو. هن سنڌي رسم الخط ۽ سنڌي ڪئلينڊر جو به پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مارچ مهيني ۾ شروع ٿئي ٿو.
ابو ريحان کي پنهنجي دور جي مشهور عالمن کان فيض حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، جنهنڪري مسلسل -تعليم- ۽ -تحقيق- هن کي،هڪ ممتاز ۽ نامور حيثيت جو مالڪ بڻائي ڇڏيو. سندس لکيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو 150 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ انهن جي ضخامت ويهه هزار صفحن کان وڌيڪ آهي. رياضي، مناظر ارض، نجوم، هيئت، مناظر، ارض، جواهر شناسي (ڪيميا)، آثار قديمه، -تاريخ- ۽ تمدن، مذهب، قانون، جاگرافي ۽ فلسفو وغيره سندس پسنديده موضوع هئا. علمي اعتبار کان هندستان جا عالم کيس ”وديا ساگر“ (علم جو سمنڊ) سڏيندا هئا. سندس مشهور تصنيفن ۾: ”الاثار الباقية“ ۽ ”قانون المسعودي“ شمار ٿين ٿا.
البيرونيءَ جي رياضي، هيئت ۽ نجوم جي علمن ۾ گهري دلچسپي رهي. ساڳئي وقت سائنس جي ميدان ۾ سندس شمار عظيم مسلمان سائنسدانن ۾ ٿئي ٿو، -جن- جي عظمت ۽ تدبر جو احاطو عالم انسانيت تائين پکڙيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس علمي ڪارناما رهنديءَ دنيا تائين قائم رهندا. سندس شخصيت پنهنجي جامعيت ۽ هم گيريءَ جي اعتبار کان افضل هئي. -اسلام- جو پوئلڳ ۽ مستقل ارادي رکڻ سبب پنهنجن ڪتابن ۾ ڪڏهن به هندو يا عيسائي مذهبن تي ڪنهن به قسم جي -تنقيد- نه ڪيائين.
علم هيئت جي -باري- ۾ کيس وڏي استادي مليل هئي، جنهنڪري صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ دير نه ڪندو هو. انهيءَ لحاظ کان کيس ”جادوگر“ سڏيندا هئا. علم نجوم جي ڄاڻ بابت به سندس پيشنگويون بلڪل سچيون ثابت ٿيون. سلطان محمود غزنويءَ کي ”نجوم“ تي اعتبار نه هوندو هو، مگر ابو ريحان جي پيشنگوين کان سئو سيڪڙو متاثر ٿيو.
لاڳيتن سفرن جي مشڪلاتن، سندس ذهن ۽ خيالن کي ڪافي متاثر ڪيو. پاڻ سمورين تڪليفن کي درگذر ڪندو ۽ مصيبتون سهندو، -ايران- کان اچي نڪتو. -ايران- ۾ ”ري“ شهر ۾ ڳچ عرصو رهي وري ڪنهن ٻيءَ منزل جو ڳولائو ٿيو.
جڏهن سلطان محمود جرجان فتح ڪيو، ته البيرونيءَ کي به ساڻ غزنيءَ پاڻ سان وٺي آيو ۽ پنهنجي خاص درٻارين ۾ رهايائينس. سندس وفات (421هه/1030ع) بعد سندس پٽس شاهه مسعود غزنويءَ به البيروني جي ساڳي عزت ۽ احترام ڪندو آيو. اتي سندس واقفيت مامون رشيد ۽ -بوعلي سينا- سان به ٿي، جيڪي سندس علمي فضيلت سبب شاگرد بڻيا.
ابو ريحان، غزنيءَ ۾ رهندي ڪافي ڪتاب لکيا، آخرڪار مسلسل جستجو کان پوءِ، پنجهتر ورهين جي عمر ۾ -تاريخ- 3 رجب المرجب سن 440هه مطابق 12 ڊسمبر 1048ع تي غزنيءَ ۾ وفات ڪيائين.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -البيروني ابو ريحان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

البيروني ابو ريحان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن