داخلا نمبر 1530
عنوان الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 804 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

الحاج سيد حاجي عبدالرحيم شاهه

الحاج، سيد حاجي عبدالرحيم شاهه: سيد حاجي عبدالرحيم شاهه سجاول وارو هڪ خدا پرست، فياض ۽ علم دوست شخص ٿي گذريو آهي. سندس نسبي تعلق سنڌ جي مشهور علمي خاندان مٽياري سادات سان هو. سندس پيدائش ٺٽي ضلعي جي شهر سجاول ۾ 14 ربيع الاول 1295هه مطابق 18 مارچ 1878ع ۾ ٿي. سندس والد جو نالو ميان محمد رحيم شاهه هو، جنهن کي 3 فرزند ٿيا، جن ۾ سيد عبدالرحيم شاهه ٻيو نمبر هو. سندس والد کي اول ۾ ڪا وڏي زمينداري نه هئي، ليڪن هن محبت ۽ ڪفايت شعاري ڪري، ٺٽي جي هڪ هندو ڀاٽيي کان سجاول ويجهو ”قهرڪي“ نالي ماڳ تي ٿوري زمين خريد ڪئي، جنهن مان ملڪيت وڌائي هن ساري زمين هٿ ڪئي. هن جا وڏا مٽياريءَ مان سجاول ڪڏهن آيا، ان جو پتو نه ٿو پوي. ميان محمد رحيم شاهه جي ٻنهي وڏن فرزندن سيد محمد هاشم شاهه ۽ سيد عبدالرحيم شاهه کي ماستر عبدالڪريم مٽيارين واري وٽ پڙهڻ لاءِ ويهاريو، جتي پنج سنڌي درجا پڙهيا. ان بعد آخوند محمد عثمان ميمڻ جي مڪتب ۾ قرآن شريف ۽ فارسي تعليم ورتائون، بعد ۾ کين وڌيڪ تعليم ڏيارڻ لاءِ شاهه صاحب ”بيلي“ ڳوٺ مان مولانا حامد الله ٻيلويءَ کي لڏائي اچي سجاول ۾ ويهاريو ۽ کيس ديني مدرسو کولائي ڏنو، جتي هي ٻئي ڀائر پڙهڻ لڳا. سندن والد ننڍي هوندي ئي 1888ع ڌاري گذاري ويو، جنهنڪري سندن عزيز ۽ ڀيڻويي سيد قادر ڏني شاهه، جو هڪ اعليٰ منتظم، ديانتدار ۽ وڏي اثر رسوخ وارو شخص هو، سندن زمينون ۽ ڪاروبار سنڀالي، کين اهڙي تعليم ڏياريندو ۽ پرورش ڪندو رهيو، جهڙي والد جي ڏينهن ۾ کين ملندي هئي. سيد قادرڏنو شاهه اڳوڻي حيدرآباد ضلعي جي گوني تعلقي مان لڏي اچي سجاول رهيو ۽ سيد محمد رحيم شاهه وانگر نه رڳو صاحبزادن جي تعليم، تربيت ۽ پرورش جي نگهداشت ڪيائين، پر راڄن سان به رابطا رکيائين. ٻنهي ڀائرن تعليم سان گڏ زمين جي سنڀال جي تربيت به حاصل ڪئي. سندس ڀيڻ سان قادر ڏني شاهه جي شادي مرحوم ميان محمد رحيم شاهه جي وقت ۾ ٿيل هئي.
حاجي عبدالرحيم شاهه جي شادي ٺٽي شهر جي بخاري سيدن مان سيد تاج محمد شاهه جي نياڻيءَ سان 8 مارچ 1901ع تي وڏي ڌام ڌوم سان ٿي. دانشمند قادر ڏنو شاهه ميان محمد رحيم جي فرزند کي زمين ابتدا کان وٺي ورهائي جدا ڪري ڏني هئي، جيڪي محنت ڪري علائقي جا مکيه زميندار شمار ٿيڻ لڳا.
26 آڪٽوبر 1918ع تي سندس وڏو ڀاءُ 54 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪري ويو، جنهنڪري عبدالرحيم شاهه پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، ان احساس کي مٽائڻ لاءِ ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ سجاول ۾ 30 جنوري 1921ع ڌاري هڪ مذهبي درسگاهه قائم ڪيائين ۽ وقت جي وڏن عالمن مولانا محمد سليمان ٻنوي، مولانا محمد صادق کڏي واري ۽ مولي فتح محمد سيوهاڻيءَ جي مشوري سان ان جو نالو ”مدرسه هاشميه“ رکيائين. ٽرسٽ بورڊ لاءِ محمد هاشم شاهه مرحوم جو بنگلو ۽ مدرسي لاءِ 230 ايڪڙ زمين وقف ڪيائين، ان کان سواءِ بورڊنگ هائوس، استادن جي رهائش جون جايون، هڪ عاليشان جامع مسجد، دڪانن سميت ٺهرايائين. شاهه صاحب سنڌي ۽ فارسي زبان کان بخوبي واقف هو ۽ قرآن شريف به بامحاوره سنڌيءَ ۾ پڙهيو هئائين. مٿين بزرگن سان واسطيداريءَ سبب ”جميعة العلماءِ هند“ سان واسطو هئس، انهن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، مولانا ڪفايت الله دهلوي، مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا آزاد سان گهرو واسطو هئس، 1930ع ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي بمبئي ڪائونسل ۾ چونڊائڻ ۾ شاهه صاحب جو وڏو هٿ هو، پاڻ نماز روزي جو پابند هو. 10 حج ڪيائين. مديني شريف ۾ مسجد ٺهرايائين. مذهبي حوالي سان سني مسلڪ سان واسطو هوس ۽ دارلعلوم ديوبند جي عالمن ڏانهن لاڙو رکندو هو. درويش ۽ بزرگن ۾ اعتقاد رکندڙ هو. شاهه صاحب 22 جُون 1947ع تي وفات ڪئي، کيس اباڻي قبرستان بدران مڪليءَ واري قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. سائين جي. ايم. سيد سان 1925ع کان وٺي خاص تعلقات هئس ۽ سائين جي. ايم. سيد هميشه چوندو هو ته شاهه صاحب جي مٿس هميشه پدرانه شفقت رهي. سيد غلام مصطفيٰ شاهه ولد غلام علي شاهه مٿس هڪ ڪتاب به لکيو هو، جيڪو سجاول مان ڇپيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1295.03.14  هجري

پيدائش ٺٽي ضلعي جي شهر سجاول ۾ 14 ربيع الاول 1295هه مطابق 18 مارچ 1878ع ۾ ٿي


1947.06.22  عيسوي

سيد حاجي عبدالرحيم شاهه 22 جُون 1947ع تي وفات ڪئي


1878.03.18  عيسوي

پيدائش ٺٽي ضلعي جي شهر سجاول ۾ 14 ربيع الاول 1295هه مطابق 18 مارچ 1878ع ۾ ٿي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون