داخلا جي تاريخ 2012-02-22
داخلا نمبر 1567
عنوان الطاف حسين
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 506 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
الطاف حسين

الطاف حسين

الطاف حسين

الطاف حسين: ”متحده قومي موومينٽ“ جو سربراهه الطاف حسين، 17 سيپٽمبر 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. هن جو والد اسٽيشن ماسٽر هو، جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏي ڪراچيءَ آيو هو ۽ اچي هڪ ڪارخاني ۾ ڪلرڪ ٿيو. الطاف حسين جي والد، 13 مارچ 1967ع تي ۽ والده 5 ڊسمبر 1985ع تي وفات ڪئي. هن 1969ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. بعد ۾ سٽي ڪاليج ڪراچيءَ مان انٽر پاس ڪيائين. ان دوران مختلف هنڌن تي ڪئڊٽ طور به خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. 1974ع ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي- فارميسي ڪيائين.
الطاف حسين عملي سياست جي شروعات شاگرد هئڻ دوران ئي ڪري ڇڏي هئي. 11 جون 1978ع تي آل پاڪستان مهاجر اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (APMSO) جو بنياد رکيائين، ۽ اهائي تنظيم اڳتي هلي پهرين مهاجر قومي موومينٽ (M.Q.M) ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هينئر اها متحده قومي موومينٽ آهي.
ايم. ڪيو. ايم جي قيام جو باقاعدي اعلان 18 مارچ 1984ع تي ڪيائين. 1986ع ۾ ڪراچيءَ ۾ نسلي فسادن کانپوءِ ايم. ڪيو. ايم هڪ وڏي ۽ منظم سياسي پارٽيءَ جي حيثيت سان اڀري آئي. آهستي آهستي ايم. ڪيو. ايم سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي وڏي سياسي پارٽي بنجي وئي. 1992ع ۾ الطاف حسين ۽ سندس ڪجهه ساٿين جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا، جنهن کان پوءِ 1992ع واري فوجي آپريشن وقت هو لنڊن هليو ويو، ۽ اتي پنهنجي پارٽيءَ لاءِ انٽرنئشنل سيڪريٽريٽ قائم ڪيائين. هن وقت تائين هو لنڊن ۾ رهيل آهي، جتي کيس اتان جي شهريت ملي چڪي آهي، هن تازو پنهنجي پاليسي تبديل ڪري پنهنجي پارٽيءَ کي پوري پاڪستان ۾ ڦهلايو آهي، سنڌ ۽ سنڌ جي قومي مسئلن لاءِ جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.09.17  عيسوي

الطاف حسين ، 17 سيپٽمبر 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون