ناميارو ليکڪ الطاف شيخ

ناميارو ليکڪ الطاف شيخ

الطاف شيخ

الطاف شيخ: دنيا جي مشهور مئرين انجينئر، پروفيسر ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو پورو نالو الطاف احمد شيخ آهي. سنڌ جي هن منفرد ۽ گھڻو لکندڙ اديب، سامونڊي نوڪريءَ ناتي سڄي دنيا جو سفر ڪيو آهي. کيس سنڌ جو ”سندباد“ چيو وڃي ٿو. پاڻ سڄي دنيا گھمي، پنهنجي سفرن کي سهيڙي، ڪتابي شڪل ڏيئي، سفر ناما لکندڙ، الطاف شيخ 14 نومبر 1944ع تي هالا نوان، سنڌ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ آهي. ستين ڪلاس تائين هالا ۾ ’مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول‘ مان پڙهڻ بعد هن انٽر تائين ’ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو‘ مان تعليم حاصل ڪئي. ان بعد ’مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ‘، مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) مان مئرين انجينئرنگ ڪئي ۽ پوسٽ گرئجوئيشن سئيڊن جي ’ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي، مالمو‘ مان ڪئي. پاڻ 1968ع کان PNSC (پاڪستان نئشنل شپنگ ڪمپني) جا مختلف قسمن جا جهاز جونئر انجينئر کان چيف انجينئر پوسٽ تائين هلائيندو رهيو. ان دوران 1971ع ۾ دادوءَ مان شادي ڪئي. 1982ع ۾ جهازن جي (سامونڊي) نوڪري ڇڏي، ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري ’ٽيچنگ‘ شروع ڪئي ۽ 2004ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ تائين ميري ٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۽ پاڪستان مئرين اڪيڊمي ڪراچيءَ جي انجينئرنگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه ٿي رهيو. ان بعد اڄ تائين هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان مختلف ملڪن جي مئرين ادارن ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. الطاف شيخ سفر دوران دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ ويندو رهيو ته اتان جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ معاشي زندگيءَ جو گھرو مشاهدو ڪري، سفرناما لکندو رهيو ۽ اڄ تائين لکندو اچي. هن جي سنڌي ۽ اڙدوءَ ۾ لکيل ڪتابن جو تعداد هڪ سئو کان به وڌيڪ آهي. سندس تحريرن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هو ٻين معاشرن جي سنڌ جي معاشري سان ڀيٽ ڪندو هلي ٿو. الطاف شيخ گھڻي ڀاڱي سفرناما لکيا آهن، پر ڪجھه پرڏيهي ادب مان چونڊ ڪهاڻيون به سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. اهڙين ڪهاڻين جا ڪجھه مجموعا: اناميڪا، لنڊن تائين لفٽ، سوزيءَ سان پيار، هيلنسڪيءَ جي حسينا، ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ، جپان رس آهن. سندس ڪجھه مشهور سفرناما منهنجو ساگر منهنجو ساحل، بندر بازاريون، سمونڊ جَي سيوين، هي ٻيٽ هي ڪنارا، ارائونڊ دي ورلڊ، اي جرني ٽو ٿائلينڊ، ايران ڏي اڏام، جپان جپان آهي، هلي ڏسجي هندوستان، زنجبار جھنگٻار، نڪري ويا ناکئا، اي روڊ ٽو مدينا، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، مڪلي کان ملاڪا، ملير کان مالمو، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، برونائيءَ کان برازيل، گهاتو گهر نه آيا، ڳوٺ جروار کان جپان، ملائيشيا منهنجي من ۾، هليو آ هليو آ ملائيشيا، جن جي جيءَ سان'>جپان جن جي جيءَ سان، وايون وڻجارن جون، جاني ته جهاز ۾، ڪويت ڪنارا، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، وغيره آهن. پاڻ هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ الطاف شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو