الف ليليٰ

الف ليليٰ (ڪتاب ):هن ڪتاب جو اصل نالو ”الف ليله و ليله“ (هڪ هزار راتيون) آهي، جيڪو عام ٻوليءَ ۾ بدلجي ”الف ليليٰ“ مشهور ٿي ويو آهي. عربي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻين جو هڪ مشهور ڪتاب، جنهن جي مؤلف/ مؤلفن بابت ڪابه ڄاڻ نه آهي، پر ايتري خبر پوي ٿي ته اهي ڪهاڻيون عراق ۽ مصر ۾ مختلف وقتن تي قلمبند ٿيون آهن. هن ڪتاب جو بنياد هڪ ايراني افسانوي داستان تي ٻڌل آهي، جنهن جون حڪايتون ’شهرزاد‘ جي زباني بيان ٿيل آهن.
آهستي آهستي ٻين حڪايتن جي اضافي جي ڪري هن جو نقشو اهڙو بدليو، جو ”الف ليليٰ“ پنهنجي موجوده صورت ۾ وچئين دؤر جي عربي اسلامي تهذيب ۽ تمدن جي مختلف پهلوئن جي هڪ نهايت دلڪش ۽ تقريباً هوبهو تصوير پيش ڪري ٿو. 1704- 1717ع جي زماني ۾ گالان (Galland) هن جو ترجمو فرانسيسي ٻوليءَ ۾ شايع ڪيو. ان کان پوءِ ٻين زبانن ۾ هن جو ترجمو ٿيندو رهيو، جنهنڪري ”الف ليليٰ“ کي دنيا جي بين الاقوامي ادب ۾ به هڪ ممتاز ۽ مستقل مقام مليو.
الف ليليٰ جي انگريزي ترجمن مان سر رچرڊ برٽن (R.F.Burton) جو ترجمو، جيڪو 1888- 1885ع ۾ 16 جلدن ۾ شايع ٿيو، اصل متن جو مڪمل ترجمو آهي، جنهن ۾ حاشين جو به اضافو ڪيل آهي. هن کان پهرين 1840ع ۾ لين (Lane) به ترميم ٿيل ۽ چونڊ متن جو هڪ انگريزي ترجمو ڪيو هو. سنڌي ۽ اردو زبانن ۾ به هن ڪتاب جا ترجما ٿي چڪا آهن.


لفظ الف ليليٰھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو