الف – بي جي تاريخ

الف – بي جي تاريخ: لکڻ جي الف- بي واري نظام جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ دنيا جي قديم لکتن جو سلسلو چوٿين سهيسر (ڏهه هزار سال عرصي) ق. م جي پوئين اڌ کان آفرو- ايشيائي خطن ۾ شروع ٿي چڪو هو. انهيءَ اوائلي تاريخ کي ائين سمجهڻ گهرجي ته هڪ وقت تي انسان پنهنجي خيالن، مشاهدن، ارادن کي اٽڪل پنجاهه هزار سال اڳ غارُن جي ڀتين تي نقشن ۽ علامتن وسيلي سادا سودا روپ ڏيڻ لڳو هو. اهي شڪليون ۽ روپ هلندي هلندي آوازن جي نمائيندگي ڪرڻ لڳا. آخرڪار اهي علامتون ٻوليءَ جي پدن يا آوازن بجاءِ استعمال ٿيڻ لڳيون ۽ لکت جي الف- بي واري، انهيءَ سلسلي جي ايجاد جو سهرو فنيقين تي آهي. خيال آهي ته فنيقي سامي نسل جا ماڻهو سيام جي ڏکڻ وارن حصن جا رهاڪو چيا وڃن ٿا(فونيقين/ فونيشين لوڪن کي محترم تاج صحرائيءَ ’پڻي لوڪ‘ لکيو آهي، جن جو تعلق سنڌ سان به لکيو اٿس).
الف- بي جو نظام ڪهڙيءَ ريت وجود ۾ آيو؟
ٻوليءَ جي مختلف آوازن جي سڃاڻپ ڪري انهن کي الڳ ڪيو ويو. هر آواز لاءِ هڪ حرف مقرر ڪيو ويو. ۽ ان کي ڪا شڪل يا صورت ڏني وئي. پوءِ ان شڪل ڏنل حرف کي ٻوليءَ جي انهيءَ آوازي پد جو نعم البدل سمجهيو ويو. ۽ ان جو استعمال شروع ڪيو ويو. هي سرشتو اٽڪل 1500 ق. م ڌاري ڪنعاني فنيقين استعمال ڪيو. پوءِ قديم عبراني وارن 1000 ق. م ۾ ۽ لڳ ڀڳ ساڳيءَ وقت يونانين، قديم عربي ڪتبن ۾ به 900 ق. م ڌاري ۽ پوءِ ٻين ڪيترن لکتن ۾ الف بي وارو نظام قائم ٿي ويو.
ماهرن جو خيال آهي ته ڪافي اڳ ۾ Acrophony جي ابتدا ٿي هئي، جنهن موجب ڪنهن لفظ يا شي لاءِ جيڪا صورت مقرر ڪئي هئي سا انهيءَ لفظ يا شيءِ جي نالي جي پهرين آواز جي مترادف سمجهي ٿي وئي، اها الف بي واري نظام جي اوسر لاءِ پهريون ڏَسُ يا اشارو ثابت ٿي.
هڪ خيال آهي ته الف بي واري لکت اتر شام جي”يوگارت“ Ugarit نالي ماڳ جي کوٽائيءَ مان مٽيءَ جي آڱر جيڏي ڳيٽي تي خط ميخي Cuniform ۾ ملي، جنهن جي قدامت 1500 ق. م ڪَٿِي وئي آهي.
ٻين ماهرن جي راءِ آهي ته Bublos جيڪو ڀونوچ سمنڊ جو پراڻو بندر هو، ۽ لبنان ۾ بيروت جي اتر ۾ واقع هو، سو ان وقت جو وڏو تجارتي مرڪز به هو. انهيءَ لحاظ کان ان جو مصر سان وڏو لاڳاپو به هو. اتان لڌل لکت جو نمونو Ugarit واري لکت کان اڳ جو آهي. موهن جي دڙي جي لکت ۾ به ڪو نظام هوندو، جيڪو آڳاٽو آهي پر اهو پڙهجي نه سگهيو آهي. البت مهرن تي لکت موجود آهي، جيڪا ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته سنڌ ۾ پنج هزار سال اڳ به لکيت جو نظام موجود هو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو