داخلا ؛ 1616
پڙهيو ويو ؛ 1267
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-02-24


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--الله

ٽائيٽل ؛ الله


شاخ : اسم اعظم

الله: (عربي ٻوليءَ جو لفظ) خدا تعاليٰ جو ذاتي نالو (لفظي معنيٰ = عبادت ڪرڻ). -الله- جي ذات اعليٰ ۽ بلندترين آهي. قرآن شريف ۾ ”الله“ جو لفظ 2697 ڀير آيو آهي. ابن العربيءَ جو قول آهي ته ”الله“ جو اسم علم آهي ۽ انهيءَ برحق معبود تي دلالت ڪري ٿو، جنهن ۾ سڀ حقائق وجوديہ موجود آهن. ”الله“ ذات -باري- تعاليٰ جو -اسم اعظم- آهي: ”الله لا الہ الا هو وحده“. گهڻن عارفن جو اهوئي خيال آهي. علامه بيضاويءَ جو چوڻ آهي ته ”الله“ جو لفظ ’الله‘ مان مشتق آهي. ابوالهيثم کان جڏهن ’الله‘ جي اسم جي لغوي -تحقيق- جي -باري- ۾ پڇيو ويو ته هن چيو ته ”حقيقت ۾ ’الاه‘ هو، ال تعريف داخل ڪيو ويو ته -الله- ٿي ويو. يعني ٻه متحرڪ لام هڪڙي هنڌ گڏجي ويا، انهيءَ ڪري هڪڙو لام ٻئي ۾ مدغم ٿي ويو ۽ ’الله‘ ٿي ويو.“ البيضاويءَ جو اهو چوڻ آهي ته اصل ۾ هي صفاتي نالو هو، مگر جڏهن -الله- جي ذات سان مختص ٿيو، تڏهن -الله- جي ذات کان سواءِ ٻئي ڪنهن لاءِ استعمال نٿو ٿئي. تڏهن هن کي اسم عَلَمَ جي حيثيت حاصل ٿي وئي. انهيءَ سلسلي ۾ قاضي شهاب الدين الخفاجيءَ جو هيءُ قول آهي ته ”الله“ جو اصل يا اشتقاق يا -ان- جي عربي غير عربي هئڻ جي -باري- ۾ ڪئين قول آهن ۽ انهن ۾ اختلاف آهي. جيتوڻيڪ چيو ويو ته جيئن انساني عقل خدا جي ذات ۽ صفات جي -باري- ۾ ٺوڪرون کائيندو رهيو آهي، اهڙيءَ طرح لفظ ’الله‘ بابت پڻ ششدر ٿي ويو آهي، ڇو ته هن لفظ ۾ به -ان- جي صفاتي نوراني شعاعن جو عڪس آهي، جنهن جي ڪري -اهل- بصارت ۽ بصيرت حيرت زده آهن.
ڪي عالم لفظ ’الله‘ کي سامي زبان جو لفظ ڄاڻائين ٿا، مگر انهيءَ -باري- ۾ يقين سان ڪجهه چئي نٿو سگهجي. دراصل سامي ٻولين ۾ ڪي اهڙا لفظ مشابهت رکندڙ هم معنيٰ هوندا آهن. الزبيدي چوي ٿو ته ’الله‘ جو ’الف‘ حذف ڪري نٿو سگهجي، بلڪ الف سميت سڄي لفظ مان ئي ’الله‘ جو مقدس نالو بنجي ٿو. ٻيو ته ’الله‘ انهن اسمن مان آهي، -جن- جي فعل مان اشتقاق -جائز- ڪونهي. -ان- جي برعڪس ’رحمان‘ ۽ ’رحيم‘ جي فعل مان اشتقاق ٺهي سگهندو آهي. زبيدي چوي ٿو ته صحيح قول آهي ته ’الله‘ -ان- ذات جو اسم علم آهي، جو واجب الوجود آهي ۽ جنهن ۾ سڀئي صفتون ڪمال انداز ۾ جمع آهن ۽ هيءُ غيرمشتق هوندو آهي.
”الله“ اسم ذات آهي ۽ ذات باريءَ جي نالي لاءِ اهڙو موزون لفظ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ موجود ناهي. اهو لفظ ذات -باري- تعاليٰ جي سلبي مفهوم سان گڏ ايجابي مفهوم کي به جامعيت سان ادا ڪري ٿو. -ان- مان هڪ طرف سڀني باطل معبودن جي نفي ٿئي ٿي ته ٻئي طرف انهيءَ هستيءَ جي -اثبات- ٿئي ٿي، جنهن لاءِ قرآن شريف ۾ آهي ته ”الله هڪڙو ئي ته آهي“.
”الله“ جي صفتن يعني تخليق، ربوبيت ۽ قدرت ڪاملہ جو ادراڪ ته ٿي سگهي ٿو، پر ذات جي حقيقت -انسان- جي علم ۽ فهم کان بالا آهي. مسلمان انهيءَ پاڪ نالي سان گڏ تعظيمي لفظن (تبارڪ و تعاليٰ، جل جلالہ وغيره) جو اضافو ڪندا آهن. (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خدا“).




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -الله- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

الله - مان نڪتل ٻيون شاخون-
اسماءُ الله الحسنيٰ
جبار


اسم اعظم - موضوع جون ٻيون داخلائون-
الله


.....اسم اعظم موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن