الهبچايو لاسي

الهبچايو لاسي: سنڌ جو جهونو ملهه، ريڊيوپاڪستان ۽ ٽيليويزن جو مشهور فنڪار، الهبچايو لاسي ولد محمد قاسم لاسي، لسٻيلي جي تعلقي اٿل ۾ 1930ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پهريائين پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکاريا، ۽ ملهه وڙهڻ جي شروعات قلندر لعل شهباز جي ميلي تي لڳندڙ ملاکڙي کان ڪئي. هيءُ انب شيدي ۽ هنڊل مڪرانيءَ جي ٽولي ۾ شامل هو ۽ ٻئي جوڙ جو ملهه هو. تنهن کان پوءِ هو گهڙي وڄائڻ جي شوق ۾ استاد الهبچايي خاصخيليءَ جي شاگرديءَ ۾ آيو ۽ جلد ئي هڪ سٺو فنڪار بڻجي ويو.
الهبچايو پهرين پاڪستان ٽيليويزن تي استاد محمد بچل ڍولڪ نواز جي وسيلي سان آيو، جنهن کان پوءِ هو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آيو. هن پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ گهڙي وڄائڻ جو هڪ ناميارو فنڪار بڻجي ويو هو. پنهنجي فن جو مظاهرو ڏکڻ ڪوريا کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ ڪري چڪو آهي. سندس پهريون غيرملڪي دورو 1984ع ۾ ٿيو هو .


لفظ الهبچايو لاسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو