داخلا نمبر 1649
عنوان الهبچايو يار محمد سمون
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 637 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
 الهبچايو يار محمد سمون

الهبچايو يار محمد سمون

الهبچايو يار محمد سمون

الهبچايو يار محمد سمون: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو اديب ۽ محقق 9 مئي 1912ع تي ملير ضلعي ڪراچي ۾ سمن جي قديم خاندان جي هڪ غريب گهر ۾ ڄائو. ڊسمبر 1958ع ۾ وفات ڪيائين. الهبچايو يار محمد سمو ڪراچيءَ جو اهو پراڻو ليکڪ ٿي گذريو آهي، جنهن ڪراچيءَ جي قديم لهجي، لسٻيلي دادوءَ ۽ ڄامشوري جي سنڌي ٻوليءَ جي ڪوهستاني ۽ لاسي لهجن ۽ اتان جي ادب ۽ ثقافت جي تاريخ بيان ڪئي آهي. هن جا ٻه ڪتاب ”سير ڪوهستان“ (1942ع) ۽ ”لاڙ جو سير“ (سنڌي ادب)، انفرادي حيثيت رکن ٿا، جنهن ۾ سندس زبانداني، انشا ۽ پردازي، طرز تحرير ۽ اسلوب جي نواڻ موجود آهي. سير ڪوهستان سنڌي ادب جي هڪ لافاني تخليق آهي. اهڙيءَ طرح لاڙ جو سير (1971ع) ڪتاب ۾ لاڙ جي تاريخ، ثقافت ۽ لهجي جو بهترين تذڪرو ڪيو آهي. يار محمد سمي جا هي ٻئي ڪتاب سنڌي نصاب ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ شامل رهيا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.05.09  عيسوي

الهبچايو يار محمد سمون 9 مئي 1912ع ڪراچي ۾ ڄائو


1958.12.00  عيسوي

الهبچايو يار محمد سمون ڊسمبر 1958ع ۾ وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون