داخلا ؛ 4360
پڙهيو ويو ؛ 697
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-16


تصويرون




ٽائيم لائين

00.00.1913-A.D
نامور سياستدان مير الهبچائي ٽالپر 1913ع ڌاري جهڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ جنم ورتو .

24.05.2005-A.D
الهبچايو ٽالپر 24 مئي 2005ع تي 92 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين .




sindhianaسنڌيانا--الهبچايو ٽالپر

ٽائيٽل ؛ الهبچايو ٽالپر


شاخ : سياستدان

الهبچايو ٽالپر: نامور سياستدان مير الهبچائي -ٽالپر- 1913ع ڌاري جهڏي ضلعي ميرپورخاص ۾ -جنم- ورتو. سندس وڏا اصل خيرپور ميرس جا هئا، -جتي- اڄ به سندن وڏي لقمان خان -ٽالپر- جي نالي سان منسوب’لقمان پاڙو‘ مشهور آهي. بعد ۾ ڏيڍ سؤ سال اڳ اچي جهڏي شهر ۾ -آباد- ٿيا.
مير الهبچائي ورهاڱي کان اڳ انگلينڊ مان گرئجوئيشن ۽ -آمريڪا- جي ٽيڪساس يونيورسٽي مان ماسٽرس جي ڊگري حاصل ڪري، هن سنڌ جي پهرين ايم. ايس. سي (زراعت) هئڻ جو اعزاز ماڻيو. هن لنڊن مان ميون جي پالنا ۽ پولٽري فارم متعلق به خصوصي -تعليم- حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ هن سنڌ ۾ پهريون ميون جو پولٽري فارم ميرپورخاص ۾ قائم ڪيو. هو آل -انڊيا- ڪيٽل شو دهليءَ جي ڪميٽيءَ جو سنڌ مان ميمبر ۽ پئنل جج پڻ چونڊيو ويو. مير -الله- بچايو اسٽيٽ -بئنڪ- آف پاڪستان، ڪامرس -بئنڪ- ۽ مسلم ڪمرشل -بئنڪ- جو اعزازي ڊائريڪٽر به رهيو.
مير الهبچائي -ٽالپر- جو شمار خاڪسار تحريڪ جي باني علامه
عنايت -الله- مشرقيءَ جي انتهائي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو. پاڻ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي، اولهه -پاڪستان- جي ون يونٽ -اسيمبلي- ۽ مجلس شوريٰ جو ميمبر پڻ رهيو. مسلسل -اٺ- سال بيماريءَ جي بستري تي رهڻ سبب سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان پاسيرو رهيو. ڊگهيءَ علالت بعد 24 مئي 2005ع تي 92 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين. کيس جهڏي جي اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -الهبچايو ٽالپر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

الهبچايو ٽالپر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن