داخلا نمبر 1681
عنوان الهجڙيو شاد
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 403 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
الهجڙيو شاد

الهجڙيو شاد

الهجڙيو شاد

الهجڙيو شاد: الهجڙيو ولد فتح علي ڪهيري جهڏي ۾، 18 جولاءِ 1945ع تي جنم ورتو. تعليم بي. اي ۽ ڊپلوما لوڪل گورنمينٽ، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيل اٿس. صحافي، اديب ۽ شاعر آهي. سندس ادبي نالو الهجڙيو ”شاد“ آهي. سندس شاعري ۽ نثري لکڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن. سنڌي ادبي سنگت جُهڏي جي باني ميمبرن مان آهي. ميرپورخاص ضلعي جي ادبي سرگرمين ۾ سندس وڏو حصو رهيو آهي. هن ڪيترائي ادبي ميڙ ۽ سيمينار ڪرايا ۽ ادبي دنيا ۾ معروف شخصيت/ شاعر طور سڃاتو وڃي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو