داخلا نمبر 1683
عنوان الهداد جهنجهي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 284 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي

سگهڙ حاجي الهداد جهنجهي

الهداد جهنجهي

الهداد جهنجهي: سگهڙ حاجي الهداد ولد حافظ ميگهه جهنجهي، پهرين جولاءِ 1928ع تي ڳوٺ جنجهي، تعلقي ڇاڇري، ضلعي ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ”جهنجهي“ ۽ ڳوٺ ڪانڪيي“ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، ڇاڇري ۾ فقہ ۽ ڪلام پاڪ جي تعليم ورتائين. 1946ع ۾ مسلم اسڪول ”بقا ڪَرن“ تعلقي مٺيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين ننگرپارڪر تعلقي ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1981ع ۾ تعليم کاتي مان رٽائر ڪيائين. ننڍي هوندي کان ئي، والد صاحب جي صحبت ۾ لطيف سائينءَ جا بيت ٻڌندو ۽ ياد ڪندو هو. شاهه جي ڪلام سان عشق هئڻ ڪري مختلف ماڻهن وٽان شاهه جي قلمي رسالن ۽ ڪن شاهه جي ڄاڻن وٽان زباني شاهه جاا بيت گڏ ڪندو رهيو. 1992ع ۾ شاهه لطيف جو هڪ ناياب نسخو ”شاهه جو گنج“ نالي رسالو ڇپرايائين، جنهن ۾ تقريباً ڇهه هزار بيت جمع ٿيل آهن. تازو اهو نسخو ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ٻيهر ڇپجي پڌرو ٿيو آهي ۽ ادبي حلقن ۾ ان تي ٽيڪا ٽپڻي اختلاف بحث هلندڙ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.07.01  عيسوي

الهداد جهنجهي ، پهرين جولاءِ 1928ع تي پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون