داخلا نمبر 1686
عنوان الهداد زرداري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 279 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
راڳي الهداد زرداري

راڳي الهداد زرداري

الهداد زرداري

الهداد زرداري: الهداد ولد باغ علي زرداري سال 1959ع ۾ موري لڳ ڳوٺ مڪراري ۾ ڄائو. انٽر تائين تعليم حاصل ڪيائين. راڳ جي لنئون ننڍي هوندي هيس. استاد مٺل خان ميراثيءَ جي شاگرديءَ ۾ رهيو. استاد مٺل خان ميراثي قاضي احمد جو ويٺل، استاد بيبي خان جو شاگرد هو. وڏو فن هوس. ان کان پوءِ ڦوٽي زرداريءَ کان چپڙيءَ ۽ يڪتاري جو فن سکيو. هن ريڊئي ۽ ٽي وي تي تمام سٺو ڳاتو آهي. ڪيسٽ جي دنيا جو مشهور فنڪار آهي. افسوس جو ڪجهه وقت کان سندس گلي ۾ تڪليف ٿي پئي، جنهنڪري ڪافي وقت ڳائي نه سگهيو. هن اردو، سنڌي، بلوچي، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ ڪافي ڪلام ڳايو آهي. الهداد کي ڪيترائي اوارڊ به مليا آهن، جن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اوارڊ، ميان نصير محمد ڪلهوڙو اوارڊ، مصري شاهه اوارڊ اهم آهن. هن حيدرآباد، ڪراچي ۽ بهاولپور ريڊيو تان ڳاتو آهي. هن وقت سندس پٽ شهباز الهداد پڻ ڳائي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

الهداد زرداري سال 1959ع ۾ موري لڳ ڳوٺ مڪراري ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون