داخلا نمبر 1682
عنوان الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 1127 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو

الهداد ٻوهيو ڊاڪٽر

الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو عالم ۽ اديب ڊاڪٽر الهداد ولد محمد علي ٻوهيو. 8 آگسٽ، 1934ع ۾ تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو. ايم. اي ۽ بي. ٽي ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين.
ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو مشهور اديب، نقاد، دانشور، تعليمدان ۽ ماهر لسانيات هو. تنقيد ۽ لسانيات جي ميدان ۾ مثالي خدمتن جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو. سندس شخصيت ۾ سنجيدگي ۽ وقار نمايان نظر ايندا هئا. تعليم کاتي ۾ مختلف عهدن تي رهي، آخر ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تي پهتو. پنهنجي پوري ڄمار علم ادب جي واڌاري لاءِ وقف ڪيائين. ”تحقيق“ سندس پسنديده موضوع رهيو. 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين، سندس گائيڊ ڊاڪٽر غلام علي الانا هو. پي. ايڇ. ڊيءَ لاءِ سندس مقالي جو عنوان هو ”سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج“ هيءُ مقالو سنڌالاجيءَ طرفان سال 1987ع ۾ ڇپرايو ويو آهي. سنڌ ۾ سماجي لسانيات جي موضوع تي هي پهريون پي ايڇ. ڊي هو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ’تنقيدون‘ (1980ع)، ’ادب جا فڪري محرڪ‘ (1984ع) ۽ ’علم تحقيق‘ (1990ع) اهم آهن. جڏهن ته سندس اڪيچار مضمون، مقالا ۽ ڪالم مشهور رسالن ٽه- ماهي ’مهراڻ‘، ’نئين زندگي‘، ’ساڃاهه‘، ’پارس‘، ’باک‘ ۽ اخبارن ۾ ڇپيل آهن. سندس تحريرن تي مشتمل هڪ ڪتاب ”ٻوهيي جون تحريرون“ سنڌي ساهت گهر حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي. تازو ٻوليءَ تي سندس مقالن جو ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران 2008ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جيڪو آزاد انور ڪانڌڙي ترتيب ڏنو آهي. پاڻ 16 جولاءِ 1994ع تي ٽنڊي آدم ۾ هڪ تعليمي سيمينار ۾ خطاب ڪندي، دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1934.08.08  عيسوي

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو 8 آگسٽ ، 1934ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ پيچوها ۾ ڄائو


1994.07.16  عيسوي

ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو 16 جولاءِ 1994ع تي وفات ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون