الهندو نارو واهه

الهندو نارو واهه (Wetern Nara Canal):الهندو نارو واهه لاڙڪاڻي شهر کان اوڀر طرف عاقل ڳوٺ کان سنڌو نديءَ مان نڪرندو هو. هيءُ واهه به سنڌو نديءَ جو هڪ ڦاٽ (Inundation Canal) هو، هن الهندي ناري واهه کي تمام گهڻا ور وڪڙ هائ، وڏو ويڪرو ۽ اونهو واهه هو. الهندو نارو درياهه مان نڪري باقراڻي، ڏوڪري، ٽاٽڙي، سيهڙ شهر، راڌڻ وليج، ٿرڙي جادو شهيد ۽ جوهيءَ کان پوءِ وڃي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. هيءُ واهه ان وقت لاڙڪاڻي ضلعي مان وهندو هو. سيوهڻ تائين لاڙڪاڻو ضلعو هو. هيءُ الهندو نارو واهه وڏو ويڪرو اونهو واهه هو، جنهنڪري هن تي به ٻيڙين رستي آمدو رفت ٿيندي هئي. واپاري سکر يا لاڙڪاڻي کان پنهنجو مال ٻيڙين رستي شهرن ڏانهن کڻي ويندا هئا. هن واهه تي وڏيون موريون ونگن سان ٺهيل هيون. اڄ به هڪ اهڙي موري باقراڻي شهر ڀرسان بيٺي آهي، الهندي ناري واهه مان ٻيا وڏا واهه به نڪرندا هئا:
1. گهنور واهه: گهنور واهه باقراڻي شهر کان نڪري باقراڻي ريلوي اسٽيشن کان پوءِ رشيد وڳڻ ڳوٺ کان گوگهاري شهر وٽ وڃي ختم ٿيندو هو. هيءُ واهه ڏوڪري تعلقي، جنهن کي ان وقت لب درياهه تعلقو به سڏيندا هئا ۽ قنبر جي زمينن کي آباد ڪندو هو. انهن ڏينهن ۾ خاص ڪري گوهاري جا سڳداسي چانور مشهور هوندا هئا. گهنور واهه مان وري ٻيا به ننڍا ننڍا واهه نڪرندا هئا. جيڪي آبادگار پنهنجي زمينن جي سهوليت سان وهائيندا هئا، انهن واهن جي کوٽائي تمام وڏي هئي ۽ ويڪرا هوندا هئا.
2. موندر واهه: هي واهه الهندي ناري مان ڏوڪري شهر ڀرسان نڪرندو هو ۽ نصير آباد جي شهر ڀرسان وڃي ختم ٿيندو هو. هن جي ڊيگهه اٽڪل 12 ميل هئي. هن مان ٻيا به ننڍا ننڍا واهه نڪرندا هئا. لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري ۽ وارهه تعلقي جي زمينن کي آباد ڪندو هو.
3. ڌامراهو واهه: هيءُ واهه الهندي ناري واهه مان ٽاٽڙي ڳوٺ کان نڪري اولهه طرف ويندو هو. هيءُ ڌامراهو واهه به وڏو واهه هو، هن جي ڊيگهه اٽڪل 30-35 ميل هئي. هيءُ واهه ڳوٺ دائود ڪانڌڙا، آڏي جاگير، کڏهري، ڳاڙهي، فريد آباد کان ٿيندو وڃي ماڏي ڳوٺ تعلقي خيرپور ناٿن شاهه وٽ ختم ٿيندو هو. ان وقت خيرپور ناٿن شاهه کي ڪڪڙ تعلقو سڏيندا هئا. ڌامراهي واهه مان ٻيا به ننڍا واهه نڪرندا هئا، جيڪي ڏوڪري تعلقي ۽ وارهه تعلقي جي زمينن کي آباد ڪندا هئا. الهندي ناري جون زمينون زرخيز هيون، جنهنڪري هتي انبن جا وڏا وڏا باغ خاص ڪري، ڏوڪري تعلقي ۾، الهندي ناري تي نار به رکيل هئا. جن تي ماڻهو ٿوري ٿوري آبادي ڪندا هئا، خاص ڪري جوئر جو فصل نارن تي ٿيندو هو. 1932ع کان پوءِ جيئن سکر بئراج مان نوان وڏا واهه نڪتا ته هن الهندي ناري جو وجود ختم ٿي ويو، هن جي جاءِ تي دادو ڪئنال ۽ رائيس ڪئنال واهه نڪتا، جنهنڪري هيءُ واهه ختم ٿي ويو. الهندي ناري جي ڪن حصن مان هن وقت به دادو ڪئنال نڪتل آهي. هاڻي الهندي ناري واهه جو سنڌو درياهه مان موج سان وهڻ پورو ٿي ويو. هن وقت به ڪٿي ڪٿي هن جا پراڻا نشان اڃا باقي آهن


لفظ الهندو نارو واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1932.00.00  عيسوي

. 1932ع کان پوءِ جيئن سکر بئراج مان نوان وڏا واهه نڪتا ته هن الهندي ناري جو وجود ختم ٿي ويو ،



ارضيات - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٺهڪڻ پراڻ
سنڌ جي ارضيات
پليئيسٽوسين
آڍاڻي ڍنڍ
رائيس ڪئنال
ٺپي ڍوري
پٽ فيڊر واهه
ٿيٻاٽ ڍنڍ
ڀَٽِڻِ جو ڍورو
ٽٻوهين جي ڍنڍ
ارضيات ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون