داخلا ؛ 1663
پڙهيو ويو ؛ 1183
پسند ڪيو ويو ؛ 11
تاريخ ؛ 2012-02-28


تصويرون


Allah-Bux-Soomro-.jpg
شهيد الهه بخش سومرو
شهيد الهه بخش سومرو



ٽائيم لائين

1901.00.00-A.D
شهيد الهه بخش سومرو 1901ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو

1943.05.14-A.D
الهه بخش سومرو 14 مئي 1943ع تي شهيد ٿيو.




sindhianaسنڌيانا--الهه بخش سومرو شهيد

ٽائيٽل ؛ الهه بخش سومرو شهيد


شاخ : سياستدان

الهه بخش سومرو، شهيد: سنڌ جو محب وطن، تجربيڪار ۽ عظيم سياستدان، شهيد الهه بخش سومرو 1901ع ۾ شڪارپور شهر ۾ ڄائو. شهر جي ٺيڪيدار مستري محمد عمر جو فرزند هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ايماندار ٺيڪيدار ۽ -آبادگار- هو. الهه بخش سومرو سندس وڏو فرزند هو. هيءُ سال 1912ع ۾ ثانوي -تعليم- لاءِ هوپ فل اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد، پيءُ سان گڏجي ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو. -تعليم- دوران پنهنجي وقت جو ذهين شاگرد هو. راندين خاص ڪري ڪرڪيٽ سان دلچسپي هيس ۽ ڪيترن مقابلن ۾ حصو ورتائين. هن 1923ع ڌاري سياست ۾ قدم رکيو. 1923ع ڌاري، هيءُ جيڪب -آباد- ميونسپالٽيءَ ۽ ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو ميمبر چونڊيو. 1926ع ۾ خانبهادر جان محمد -پٺاڻ- جهڙي سلطان ڪوٽ ۽ سکر ضلعي جي بااثر ۽ اهم زميندار جي مقابلي ۾ -بمبئي- ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. هن جا ڀُٽي خاندان سان، پنهنجي والد جي زماني کان سٺا تعلقات هئا، انڪري هن -بمبئي- ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جو ساڄو هٿ ٿي ڪم ڪيو، جيڪو -ان- زماني ۾ -بمبئي- ڪائونسل ۾ سنڌ جي مسلمان ميمبرن جو ليڊر هو. ذهين ۽ باصلاحيت هئڻ ڪري، الهه بخش سومرو -بمبئي- ڪائونسل جي ميمبريءَ دوران ڪائونسل سان واسطو رکندڙ سرڪاري ڪميٽين تي چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح هي 1926ع کان 1936ع تائين، جيسين سنڌ بمبئيءَ سان شامل هئي، -بمبئي- ڪائونسل جو ميمبر رهندو آيو. -ان- کان اڳ 1928ع ۾ هي ضلعي لوڪل بورڊ سکر جو پريزيڊنٽ چونڊيو. -جنوري- 1931ع ۾ جيڪب -آباد- ۾ گهوڙن جي سالياني نمائش جي موقعي تي سنڌ جي لوڪل بورڊن جي صدرن ۽ چيف آفيسرن جي ڪانفرنس ڪوٺائي، هن لوڪل بورڊن جي تنظيم، اختيارن ۽ سڌارن بابت ڪيترا ٺهراءَ پاس ڪرايا ۽ سنڌ جي لوڪل بورڊن جي ائسوسئيشن قائم ڪرايائين. -ان- موقعي تي هن سنڌ جي مسلمان سياستدانن جي ڪانفرنس سيٺ حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪوٺائي، سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ ۽ آل -انڊيا- مسلم ڪانفرنس جي ٺهرائن جي تائيد ۾ ٺهراءَ پاس ڪرايا. 1934ع ۾ جڏهن جي. ايم. سيد جي بنگلي (ڪراچيءَ) ۾ ’پيپلزپارٽي‘ ٺاهي وئي ته اُن جو ليڊر شاهنواز -ڀٽي- کي ۽ ڊپٽي ليڊر الهه بخش سومري کي چونڊيو ويو. 1936ع ۾ ’اتحاد -پارٽي-‘ قائم ٿيڻ تي هيءُ اُن ۾ شامل ٿيو. سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ بعد 1937ع جي چونڊن ۾ -اتحاد- پارٽيءَ جا 24 ميمبر چونڊجي آيا، پر اُن جو ليڊر سر شاهنواز ڀٽو ۽ ڊپٽي ليڊر حاجي عبدالله هارون هارائي ويا، -ان- تي گورنر سر لئنسليٽ گرهام، سر غلام حسين کي وزارت لاءِ گهرايو، جنهن جي پارٽيءَ جا صرف 5 ميمبر چونڊجي آيا هئا. هن مير گروپ کي وزارت ڏئي، -اتحاد- پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد حاصل ڪري وزارت ٺاهي. ميران محمد شاهه به -اتحاد- -پارٽي- ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيو، انڪري -اتحاد- پارٽيءَ جي مڃيل ميمبرن الهه بخش سومري کي ليڊر ۽ مسٽر هاشم گزدر کي ڊپٽي ليڊر چونڊي، مخالفت ۾ ويهڻ شروع ڪيو. 1937ع جي آخر ۾ -اتحاد- پارٽيءَ جي سر غلام حسين جي وزارت سان هڪ پروگرام جي بنياد تي -اتحاد- ٿيو ۽ -ان- پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ ورڪنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي، جنهن تي الهه بخش، هاشم گزدر ۽ جي. ايم سيد ميمبر هئا؛ پر -ان- پروگرام تي عملدارن جي غلط روش، وزارت ۾ غيرتجربيڪار ۽ نااهل وزيرن جي موجودگيءَ ۽ -اتحاد- پارٽيءَ جي وزارت ۾ نمائندگيءَ کان سواءِ وزارت جي مدد سبب عملدرآمد نه ٿي سگهيو. نتيجي طور مير غلام حسين کي تجويز ڏني وئي ته الهه بخش، خانبهادر کهڙي ۽ نهچلداس کي وزير ڪري کڻي، پر اها تجويز به عمل هيٺ نه آئي. نتيجي طور مارچ 1938ع جي بجيٽ وقت ”هڪ رپويو ڪٽ“ جي ٺهراءُ پاس ڪرڻ سان غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ نئين وزارت الهه بخش سومري جي هٿ هيٺ ٺاهي وئي. هيءَ وزارت ڪانگريس ۽ هندو انڊپينڊنٽ پارٽيءَ جي مدد سان ٺهي، -ان- ۾ الهه بخش سومرو وزيراعظم ۽ پير الاهي بخش ۽ نهچلداس وزيراڻي ٻه وزير ٿيا. جنهن صورت ۾ وزارت ٺاهڻ ۾ صرف ستن مسلمانن ووٽ ڪيو هو ۽ باقي سڀ ميمبر هندو هئا، انڪري مسلمانن جي -تعليم- يافته طبقي طرفان احتجاج ٿيو. نڪتل وزيرن صورتحال کي وڌيڪ مشتعل ڪيو، جنهن تي وزيراعظم الهه بخش سومري 29 مارچ 1938ع تي وزارت جي پاليسيءَ بابت هڪ بيان -جاري- ڪيو ته (1) ملڪي انتظام کي قومپرست بنيادن تي هلايو ويندو؛ (2) سکر -بئراج- سبب سنڌ جي ڪن حصن کي زراعت ۾ نقصان پهتو آهي، -ان- ڪري لوئر سنڌ -بئراج- جي اسڪيم تيار ڪئي ويندي ته جيئن عوامي مفاد پورا ٿين: (3) -اتر- سنڌ (روهڙي ڊويزن) جا واهه سڌاريا ويندا: (4) ڪانگريس وزارت وانگر وزير گهٽ پگهار کڻندا: (5) آنرري مئجسٽريٽيون ختم ڪيو وينديون: (6) آزمائشي طور ضروري رستن جو ڪم لوڪل بورڊن کي ڏنو ويندو؛ (7) پرائمري ماسترن جي پگهار ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويندو؛ (8) مولانا عبيدالله سنڌي واپس آيو ته سندس آجيان ڪنداسون؛ (9) سنڌ فرنٽيئر ريگيوليشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميٽي مقرر ڪئي ويندي وغيره.
1938ع ۾ الهه بخش وزارت ڍلون وڌايون، جنهن تي -اتحاد- پارٽيءَ جا ميمبر ٻن حصن ۾ ورهائجي ويا. حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ ۾ شامل ٿي چڪو هو. 11 -آڪٽوبر- 1938ع تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هندستان جا مسلم ليگي اڳواڻ ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيا. اجلاس ۾ الهه بخش ۽ جي. ايم سيد به شريڪ ٿيا. سڀني مسلم ليڊرن الهه بخش کي مسلم ليگ سان الحاق ڪرڻ جي گذارش ڪئي، جا هن قبول ڪئي ۽ ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون. ليڊر جي مسئلي تي جناح صاحب نئين ليڊر جي چونڊ جي حق ۾ هو ۽ سر غلام حسين هن موقعي کي طاقت هٿ ڪرڻ جو وسيلو سمجهيو. نتيجي طور ٺاهه ٽٽي ويو. الهه بخش ليڊر جي نئين چونڊ جي مخالفت ڪئي. نتيجي طور جناح صاحب ضد ۾ اچي مسلم ليگ، -اسيمبلي- پارٽيءَ ۾ ليڊر سر غلام حسين کي ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي کي چونڊيو، -ان- کان سواءِ جناح صاحب جي. ايم سيد کي حڪم ڪيو ته الهه بخش جي وزارت خلاف اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪري؛ پر الهه بخش وزارت نه رڳو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيل ڪيترن ميمبرن کي پاڻ سان ملائي ورتو، پر خود مسلم ليگ پارٽيءَ جو ليڊر ۽ ڊپٽي ليڊر به مسلم ليگ ڇڏي وڃي وزارت ۾ شامل ٿيا. اهڙيءَ طرح اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ جي حمايت صرف ستن ميمبرن ڪئي.
1939ع جي وچ ڌاري مسلم ليگ، مسجد منزل گاهه، مسلمانن کي موٽائي ڏيڻ جو سوال هٿ ۾ کنيو. هندو ميمبرن مخالفت ڪئي. مسلمانن مسجد تي زوريءَ قبضو ڪيو ۽ سنڌ ۾ هندو مسلم فساد شروع ٿي ويا. مسلم ليگ جا ڪيترا اڳواڻ ۽ عام ماڻهو جيلن ۾ پيا. هندن خلاف غير سلامتيءَ واري فضا ٿي، انڪري هندن ۽ ڪانگريس جي ميمبرن عارضي نفعي لاءِ مسلم ليگ سان گڏجي الهه بخش جي وزارت کي شڪست ڏئي، مسلم ليگ وزارت کي طاقت ۾ آندو. هن وزارت ۾ جي. ايم سيد پڻ وزير ٿيو، جنهن ’مسجد منزل گاهه‘ جي نتيجي ۾ ٿيل هندو مسلم فسادن جي نقصان کي آڏو رکي، سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ هندو مسلم -اتحاد- کي ضروري سمجهيو. هن ابوالڪلام آزاد ۽ الهه بخش کي ويهاري، هڪ فارمولو طيءِ ڪيو. جي. ايم سيد الهه بخش سومري کي وزارت ۾ اچڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ پاڻ استعيفا ڏئي الهه بخش کي پنهنجي جاءِ تي وزير ڪري آندو ۽ واعدو ڪيو ته -ٽن- مهينن اندر سر بنده علي جي جاءِ تي سر غلام حسين کي آندو ويندو؛ پر مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ قبول نه ڪيو. نتيجي طور هندو ۽ ڪانگريس ميمبرن مسلم ليگ وزارت کي ڊاهي، الهه بخش سومري کي طاقت ۾ آندو. اهڙيءَ طرح سنڌ آل -انڊيا- جماعتن جي اختلافن جو -آکاڙو- بنجي وئي.
مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي -افغانستان- مان طويل جلاوطنيءَ بعد وطن سنڌ واپس آڻائڻ ۾ به الهه بخش سومري جو وڏو ڪردار آهي. ۽ 1942ع ۾ هن سنڌ جي وزيراعظم جي حيثيت ۾، مولانا عبيدالله سنڌيءَ جو وطن واپسيءَ وقت ڪراچيءَ ۾ شاندار استقبال ڪيو. ياد رهي ته مولانا سنڌي، هند جي آزاديءَ لاءِ انگريزن خلاف -ان- وقت ٻاهرين ملڪن ۾ -جلاوطن- حڪومت جي رٿا تيار ڪري چڪو هو.
ان زماني ۾ ڪانگريس انگريزن خلاف ’هندستان خالي ڪريو‘ تحريڪ شروع ڪئي. مسلم ليگ -پاڪستان- جو نعرو هنيو؛ ڪانگريس ۽ قومپرستن تي سختيون ڪيون ويون. الهه بخش سومري 26 سيپٽمبر 1942ع تي وائسراءِ کي خط لکي، ’خانبهادري‘ ۽ O.B.E (آرڊر آف برٽش ايمائر) جا لقب واپس ڪيا ۽ هندستان جي آزاديءَ جي حق جي ڳالهه ڪئي، جنهن تي گورنر سندس وزارت کي ڊسمس ڪيو ۽ سر غلام حسين کي مسلم ليگ جي مدد سان وزارت ٺهرائي ڏني.
ان بعد الهه بخش سماجي ڪمن طرف توجهه ڏنو. سنڌ ٻوڏن هيٺ آيل هئي، -ان- ۾ هن پنهنجون -آباد- زمينون ٻوڙائي، شڪارپور شهر کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.
14 مئي 1943ع تي صبح جو سنڌ جو هي محب وطن سياستدان شڪارپور ۾ هڪ ٽانگي ۾ سوار ٿي وڃي رهيو هو ته ڪن ماڻهن مٿس فائر ڪري کيس شهيد ڪري ڇڏيو. سندس قتل جو الزام خانبهادر ايوب کهڙي تي لڳايو ويو. الهه بخش سومري جو ذڪر ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي قومي سياست ۾ وڏي احترام ۽ عزت سان ٿئي ٿو. سنڌ جي بزرگ سياستدان سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’جنب گذاريم -جن- سين‘ ۾ کيس ’سنڌ جو دودو ثاني‘ سڏيو آهي. سندس مزار شڪارپور شهر ۾ آهي .




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -الهه بخش سومرو شهيد- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

الهه بخش سومرو شهيد - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن