داخلا نمبر 1678
عنوان الهه بخش نظاماڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 625 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي

الهه بخش نظاماڻي: سنڌ جي معروف شخصيت، الهه بخش ايم. نظاماڻي 30 مارچ 1905ع تي ماتليءَ جي ڀرسان تاريخي شهر ٺريءَ لڳ (جيڪو هاڻي غيرآباد ٿي ويو آهي). نظاماڻين جي ڳوٺ ۾ ڄائو. علي ڳڙهه مان ايم. اي ۽ بمبئيءَ مان بي. ٽي ڪري سنڌ ۾ اُستاد مقرر ٿيو ۽ پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي جو ڊائريڪٽر ٿيو. رٽائرمينٽ کان وءِ نورمحمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج جي پرنسپال طور حيدرآباد ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. آخر ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو اعزازي سيڪريٽري پڻ ٿيو. لوڪ ادب تي ايم. اي. سنڌيءَ لاءِ سندس لکيل مقالو 1971ع ۾ سنڌالاجيءَ طرفان ”سنڌي لوڪ ادب جي ارتقائي تاريخ“ جي نالي سان شايع ٿيو. هن 15 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1905.03.30  عيسوي

الهه بخش نظاماڻي: سنڌ جي معروف شخصيت ، الهه بخش ايم . نظاماڻي 30 مارچ 1905ع تي ماتليءَ جي ڀرسان تاريخي شهر ٺريءَ لڳ ( جيڪو هاڻي غيرآباد ٿي ويو آهي ) . نظاماڻين جي ڳوٺ ۾ ڄائو


1980.08.15  عيسوي

هن 15 -آگسٽ- 1980ع تي وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون