داخلا نمبر 1698
عنوان الهه رکا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 239 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
استاد الهه رکا

استاد الهه رکا

الهه رکا

الهه رکا، استاد(طبله نواز ):(29 اپريل 1919ع کان 3 فيبروري 2000ع) استاد الهه رکا هندوستاني موسيقيءَ جو وڏو نالو آهي. هن طبلي کي وڏي جلا بخشي. استاد ويهين صديءَ ۾ طبلي جو وڏو ماهر هو. هن روي شنڪر سان 1967ع ۾ ووڊ اسٽاڪ فيسٽول ۾ حصو ورتو ۽ هندوستاني موسيقيءَ کي يورپين سان متعارف ڪرايو. آمريڪا جي صف اول جي فنڪارن کيس طبلو وڄائيندي ڏسي ڏاڍو عجب کاڌو. سندن خيال هو ته استاد جي هٿن ۾ ڪا مشين لڳل آهي. دنيا جي موسيقيءَ جي ڄاڻن کيس موسيقيءَ جو آئين اسٽائين ڪري سڏيو آهي.
سندس لائق فرزند ذاڪر حسين هن وقت پاڪستان توڙي هندوستان جو وڏو طبله نواز آهي، جيڪو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي چڪو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو