داخلا نمبر 1706
عنوان الهه وسائي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 570 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
گلوڪاره الهه وسائي

گلوڪاره الهه وسائي

الهه وسائي

الهه وسائي: مائي الهه وسائي گائيڪيءَ جي دنيا ۾ منفرد سڃاڻپ رکندڙ سنڌ جي لوڪ فنڪاره هئي. هوءَ 1928ع ڌاري سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي.مائي الهه وسائي گائيڪيءَ جي ڪلاسيڪي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندي هئي. هن پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي ڳائڻ شروع ڪيو هو. هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تن ڏينهن ۾ ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي، مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا نالا هئا.
هن ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ به ڳايو سندس ڪجهه آڊيو ڪيسٽيون جاري ٿيون. سجاول جي مير بحر گهراڻي سان تعلق رکندڙ مائي الهه وسائي مشهور ڍولڪ نواز خميسي خان چانڊيي سان شادي ڪئي. کيس شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ڄڻ ته عشق هو. ان ڪري هوءَ سندس عرس تي هر حال ۾ پهچندي هئي ۽ ڳائيندي هئي. 2002ع ۾ کيس ڀٽائيءَ جي ميلي تي لطيف اوارڊ ڏنو ويو ۽ حڪومت پاران کيس هڪ لک رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. پر هڪ سال تائين آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ بعد به کيس رقم نه ملي ۽ هوءَ پنهنجو علاج نه ڪرائي سگهي. آخري وقت ۾ کيس ڳلي جو ڪينسر ٿيو، تنهن هوندي به ڀٽائيءَ جي عرس تي پهتي ۽ ڪلام ڳايائين. ڪجهه هفتن بعد 29 اپريل 2003ع تي لاڏاڻو ڪري وئي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.00.00  عيسوي

الهه وسائي 1928ع ڌاري سجاول ضلعي ٺٽي ۾ ڄائي


2003.04.29  عيسوي

الهه وسائي 29 اپريل 2003ع تي لاڏاڻو ڪري وئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون