راڳي الهڏنو خاصخيلي فقير

راڳي الهڏنو خاصخيلي فقير

الهڏنو خاصخيلي فقير

الهڏنو خاصخيلي، فقير: فقير الهڏنو خاصخيلي ولد محمد علي خاصخيلي 1952ع ڌاري، ڳوٺ ڌڻي بخش خاصخيلي، لڳ پاڪ سنگهار، تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ ڄائو. پرائمري تائين تعليم حاصل ڪري، ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. 1965ع ۾ فقير طالب حسين جسڪاڻيءَ جي شاگرديءَ ۾ اچي راڳ سکڻ لڳو. 1994ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. راڳ تي مهارت سبب، ريڊيو پاڪستان پاران، 1995ع ۾ کيس فضل فقير سان سُنگ جي صورت ۾ ڳائڻ لاءِ برطانيا جي دؤري تي موڪليو ويو، جتي کيس سٺي مڃتا ملي. ٽيليويزن تي به سنگ جي صورت ۾ ڪيترائي پروگرام ڪري چڪو آهي. سنڌ جي وڏن وڏن ميلن ۾ ڳائي چڪو آهي. سندس پٽ ذوالفقار علي خاصخيليءَ جو هڪ آڊيو البم پڻ مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي. سندس ٻيو پٽ ديدار علي خاصخيلي، نئين ٽهيءَ جي شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو