الهڏنو فقير ماڇي

الهڏنو فقير ماڇي

الهڏنو فقير ماڇي

الهڏنو فقير ماڇي: الهڏنو فقير ماڇي، سگهڙ، شاعر ۽ ڳائڻو ٿي گذريو آهي. الهڏنو فقير جيئندي ماڇيءَ جو پٽ هو ۽ موجوده سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ 1880ع ڌاري ڄائو هو. کيس ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. ان وقت پير حسن بخش شاهه ڊٺڙي واري بزرگ ۽ شاعر سان هن جي ڏيٺ ويٺ ٿي، جنهن کيس پنهنجي مريدن ۾ شامل ڪيو. ان وقت کان وٺي الهڏنو فقير يڪتاري تي پير حسن بخش شاهه ۽ ٻين صوفي شاعرن جون ڪافيون چوڻ لڳو، پير حسن بخش شاهه جي وفات کان پوءِ کاڻي راڄڙ جي رهاڪو عوامي شاعر منٺار فقير راڄڙ جي صحبت ۽ شاگردي اختيار ڪيائين. ان وقت الهڏنو فقير پنهنجون ڪافيون ٺاهي پڻ ڳائڻ لڳو. 1925ع ڌاري الهڏني فقير پنهنجي ٻالڪن جي ٻاري يا ٽولي ٺاهي، کين جاما پارايا ۽ يڪتاري، دلي ۽ ڏنڊي جي وڄت تي ڳائڻ لڳا.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي ڪتاب ”اسان جو ڳوٺ جعفر لغاري“ ۾ لکي ٿو ته الهڏنو فقير لسيون ڪافيون چوندو هو، پر سر تار سان ڳائيندو هو، شروع ۾ راڳڻي ڪري، تارَ چِڪائي، ڀريي مان مصرع کڻندو هو ۽ وچ ۾ بيت هميشه مصراعن جي موضوعن مواقف ڏيندو هو. انهيءَ رمز ۾ هو ٻين کان وڌيڪ هو.
الهڏنو فقير هر هاري هو، پر لکڻ پڙهڻ سکي ڪافيون ڪلام سهڻي صورتخطيءَ ۾ لکندو هو. هن 1940ع کان وٺي ڪافيون جوڙڻ شروع ڪيائين، 1000 کان وڌيڪ ڪافيون ٺاهيائين. الهڏني فقير 7 مئي 1962ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ وفات ڪئي، تعلقي کپري جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ پنهنجي دوست منٺار فقير راڄڙ جي مقام ۾ مدفون ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1880.00.00  عيسوي

الهڏنو فقير ماڇي سنجهوري تعلقي جي ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ 1880ع ڌاري ڄائو


1962.05.07  عيسوي

الهڏني فقير 7 مئي 1962ع ۾ ڳوٺ جعفر خان لغاريءَ ۾ وفات ڪئي ، تعلقي کپري جي ڳوٺ کاڻي راڄڙ ۾ پنهنجي دوست منٺار فقير راڄڙ جي مقام ۾ مدفون ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

زڪيه بيگم
جوش شيخ عبدالحليم
امجدي بانو
هنود
امير حسن
صبح صادق کوسو مير
پلي حاجي منٺار
شيخ خضر سيوستاني
عباسي ابراهيم
ڄام اوٺو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون