الوحيد

الوحيد (اخبار ):روزاني سنڌي اخبار، جيڪا 1922ع ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون، ڪراچيءَ مان جاري ڪئي. دراصل هن اخبار ذريعي 1921ع جي تاريخي خلافت ڪانفرنس ۽ خلافت تحريڪ کي زور وٺائڻ جو مقصد هو. هيءَ ئي اها اخبار آهي، جنهن کي سنڌ ۾ سياسي بيداريءَ جو نقيب قرار ڏيئي سگهجي ٿو. هن اخبار ذريعي نظرياتي تحريڪ کي وڏي مدد ملي. هن اخبار ۾ سنڌ جا ممتاز سياسي رهنما، عالم ۽ دانشور پنهنجون تحريرون ڏيڻ تي فخر محسوس ڪندا هئا. هن اخبار جي ايڊيٽرن ۾ سنڌ جو مايه ناز اديب ۽ سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي، دين محمد عليگ، قاضي عبدالرحمان ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جهڙا فاضل شخص شامل هئا. هن اخبار سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ”الوحيد“ جو ”سنڌ آزاد نمبر“ (1936ع) تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
الوحيد‘ جو ’سنڌ آزاد نمبر‘ نئين انداز ۾ محمد ابراهيم جويي، سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد پاران، نئين پيش لفظ سان ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هن نالي سان اخبار وري جاري ٿي، جنهن جا آخر ۾ ايڊيٽر حافظ خيرمحمد اوحدي ۽ مولانا ڪريم بخش نظاماڻي رهيا .


لفظ الوحيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو