الياس عطار قادري

الياس عطار قادري

الياس عطار قادري

الياس عطار قادري: مولانا محمد الياس قادري 26 رمضان المبارڪ 1369هه/1950ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ڪراچيءَ ۾ ئي حاصل ڪيائين. سندس والد جو نالو عبدالرحمان هو، جيڪو هڪ ديندار ماڻهو هو ۽ هڪ اداري ۾ ملازمت ڪندو هو. پاڻ ننڍو هو ته سندس والد حج تي ويو، جتي منيٰ ۾ لُڪَ لڳڻ سبب وفات ڪري ويو. اصل ۾ سندس وڏا ڪڇ جي ”ڪُنڀار“ شهر جا رهاڪو هئا. قيام پاڪستان جي لڏپلاڻ دؤران پهريائين حيدرآباد لڏي آيو، پوءِ اُتان وري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو.
پاڻ ضياءُ الدين احمد قادري رضويءَ جو مريد آهي. کيس چئني سلسلن جي خلافت حاصل آهي، هن هڪ اسلامي تحريڪ ”قرآن و سنت“ جو آغاز 1401هه/1982ع ۾ ڪيو، جيڪا ڏسندي ڏسندي دنيا جي 72 ملڪن تائين پکڙجي وئي. هن تحريڪ جو نالو ”دعوت اسلامي“ رکيو ويو. دنيا ۾ سندس هزارين مريد آهن. هن جماعت جو ساليانو اجتماع ملتان ۾ ٿيندو آهي، جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شرڪت ڪندا آهن. کيس نعتيه شاعريءَ سان ڪافي لڳاءُ آهي. سندس ڪافي تصنيفون آهن، جن ۾ ’فيضان سنت‘ ، جنهن جو دنيا جي 15 زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. ’آداب طعام‘، ’فيضانِ رمضان‘، ’پردي جي باري ۾ سوال جواب‘، ’رسائل عطاريه‘، ’نماز جا احڪام‘، ’رفيق الحرمين‘، ’چندي جي باري ۾ سوال جواب‘، ’مدني پنج سوره‘، ’عقيقي جي باري ۾‘، ’خودڪشيءَ جو علاج سوال جواب‘، ’امام حسين جون ڪرامتون‘، ’40 روحاني علاج‘، ’گهريلو علاج‘ مشهور آهن. ’مغلانِ مدينه‘ ۽ ’ارمغانِ مدينه‘ سندس نعتيه شاعريءَ جا ڪتاب آهن. 2008ع ۾ هڪ اسلامي چينل شروع ڪيو جنهن جو نالو ”مدني“ چينل آهي. جيڪو سڄي دنيا ۾ ڏٺو ويندو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو