داخلا ؛ 1730
پڙهيو ويو ؛ 435
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-02


تصويرون


Alexndar-Grahim-Bell.jpg
اليگزينڊر گراهم بيل
اليگزينڊر گراهم بيل



ٽائيم لائين

1847.03.03-A.D
اليگزينڊر گراهم بيل 3 مارچ 1847ع تي ڄائو

1922.08.02-A.D
اليگزينڊر گراهم بيل 2 آگسٽ 1922ع ۾ وفات ڪئي




sindhianaسنڌيانا--اليگزينڊر گراهم بيل

ٽائيٽل ؛ اليگزينڊر گراهم بيل


شاخ : سائنسدان

اليگزينڊر گراهم بيل: دنيا جو مڃيل سائنسدان ۽ -ٽيليفون- جو مؤجد اليگزينڊر گراهم بيل، اسڪاٽلئنڊ جي شهر ”ايڊنبرا“ ۾ 3 مارچ 1847ع تي ڄائو. 1858ع ۾ ”ايڊنبرا“ جي رايل هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين، جتان -تعليم- حاصل ڪرڻ بعد، 1863ع ۾، ويسٽن هائوس اسڪول ۾ -استاد- ٿيو. بعد ۾ 1866ع ۾ ”سومرسٽ شاير“ ڪاليج ۾ -استاد- جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. -ان- کانسواءِ لنڊن ۾ ٻوڙن جي اسڪول ۾ -استاد- مقرر ٿيو. -ان- دوران لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي -تعليم- کي پڻ -جاري- رکيائين. 1870ع ۾ والدين سان گڏ ڪئناڊا ويو ۽ 24 سالن جي عمر ۾ 1873ع ۾ بوسٽن يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر مقرر ٿيو، -جتي- ميبل هبارڊ (Mabel Hubbard) سان سندس پهرين ملاقات ٿي. -ان- دؤران هو ”هارمونڪ ٽيليفون“ جا تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ 1875ع ۾، -ٽيليفون- ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. 10 مارچ 1876ع تي هن دنيا جو پهريون -ٽيليفون- پيغام موڪليو ۽ ساڳئي ئي سال 25 جون تي فلاڊيلفيا (Philadelphia) ۾ -ٽيليفون- جي نمائش جو اعلان ڪيائين. 9 -جولاءِ- 1877ع تي ”بيل -ٽيليفون- ڪمپنيءَ“ جو بنياد وڌو ويو. اليگزينڊر 11 -جولاءِ- 1877ع تي ”ميبل هبارڊ“ (Mabel Hubbard) سان شادي ڪئي. 1879ع ۾ ”بيل -ٽيليفون- ڪمپنيءَ“ مان استعيفيٰ ڏئي، اسڪاٽلئنڊ جي ”گريناڪ“ شهر ۾ ٻوڙن ٻارڙن لاءِ اسڪول قائم ڪيائين. -ان- کان پوءِ هن 1883ع ۾ واشنگٽن ۾ ٻوڙن جي لاءِ هڪ الڳ اسڪول کوليو. هن 1886ع ۾ ”باديڪ بي“ شهر ۾ ذاتي جڳهه خريد ڪري، هڪ لئبارٽري قائم ڪئي. -آمريڪا- ۾ ٻوڙن کي ڳالهائڻ ۽ لکڻ پڙهڻ لاءِ هڪ تنظيم جو بنياد پڻ وڌائين، جنهن جو پهريون صدر پاڻ ٿيو. -ان- کان سواءِ ”نئشنل جاگرافڪ سوسائٽيءَ“ ۾ ”سمٿ سونين“ اداري جو صدر پڻ ٿيو. -ٽيليفون- ذريعي، دنيا کي ”گلوبل نيٽ“ (Globel net) بڻائيندڙ هن عظيم سائنسدان، 75 سالن جي عمر ۾ 2 -آگسٽ- 1922ع ۾ وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -اليگزينڊر گراهم بيل- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

اليگزينڊر گراهم بيل - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سائنسدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اقليدس
اليگزينڊر گراهم بيل
ابن سينا
ايم ايڇ پنهور
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
آئن اسٽائن البرٽ
بوعلي سينا
ابن بيطار
البيروني ابو ريحان
ثاليس
ثناءالحق صديقي مولوي
ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
ٿامس ايڊيسن
ٿامس هنٽ مورگن
جابر بن افلح
جابر بن حيان
جابر بن سنان حراني
جارج اسٽيفنسن


.....سائنسدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن