داخلا ؛ 4350
پڙهيو ويو ؛ 479
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-08-16


تصويرون


Alka-keswani.gif
الڪا  ڪيسواڻي
الڪا ڪيسواڻي



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--الڪا ڪيسواڻي

ٽائيٽل ؛ الڪا ڪيسواڻي


شاخ : شخصيت

الڪا ڪيسواڻي: الڪا ڪيسواڻي، انٽرنيٽ ذريعي سنڌي کاڌن جو سواد ۽ تيار ڪرڻ جو طريقو ٻڌائڻ واري پهرين سنڌي عورت آهي. الهاس نگر -انڊيا- جي رهواسڻ الڪا ڪيسواڻي مائيڪرو بايولاجيءَ ۾ ماسٽرس ڪئي آهي. کاڌي پچائڻ جي تربيت هن پنهنجي ماءُ کان ورتي، جيڪا بهترين بورچياڻي (Cook) آهي. الڪا ڪيسواڻيءَ جو گهر وارو ديپڪ هڪ ٽيڪنيڪل آرڪيٽيڪٽ آهي، جيڪو سنڌي سماج جي بهبوديءَ لاءِ ڪافي ڪم ڪري ٿو. اُن جو خيال آهي ته هند جي سنڌي ماڻهن وٽ پنهنجي جَڙن سان جوڙيندڙ ڪا به شيءِ نه -بچي- آهي، هو چاهي ٿو ته انٽرنيٽ ذريعي سنڌي ماڻهو هڪٻئي کي سڃاڻي سگهن ۽ هڪٻئي کان ڪجهه سِکن، پوءِ چاهي اُها -ٻولي- هجي، ڪلچر هجي، اتهاس هجي، سنگيت هجي يا وري سنڌي کاڌو هجي، تنهنڪري ديپڪ، الڪا کي همٿايو ته هوءَ روزمره جي کاڌن ۽ طعامن جي سنڌي ماڻهن توڙي دنيا کي ڄاڻ ڏئي ۽ ائين انـٽـرنـيـٽ ذريـعـي سـنـڌي رسـوئـيءَ (Sindhi Rasoi) جي شروعات ڪئي وئي. الڪا ڪيسواڻيءَ هي سفر 29 -جنوري- 2008ع کان شروع ڪيو آهي، جيڪو ڏسندي ڏسندي ئي تمام گهڻي شهرت ۽ ڪاميابي ماڻي ويو. الڪا جهڙي گهريلو ۽ انٽرنيٽ جي ڄاڻ نه رکندڙ ڇوڪريءَ لاءِ جيتوڻيڪ هي ڪم ڏاڍو ڏکيو هو ته هوءَ کاڌن جون -تصويرون- ڪڍي، جنهن جي مهارت کيس حاصل نه هجي، جيئن کاڌن جي اصل رنگت ۽ خاصيت کي عڪس ڪري سگهجي ۽ -ترڪيب- کي خاص انداز ۾ لکڻ ۽ پوءِ اُهي سموريون شيون ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪرڻ وغيره وغيره. پر جلد ئي الڪا اُنهيءَ شعبي ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي ۽ دنيا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. -ٽن- سالن جي عرصي ۾ الڪا ڪيسواڻي 175 کاڌن جون ترڪيبون پنهنجي ويب سائيٽ تي پوسٽ ڪري چڪي آهي جنهن جي بدلي ۾ الڪا ڪيسواڻيءَ کي سوين هزارين اِي ميلز موصول ٿيون آهن، -جن- ۾ سندس ڪم کي ساراهيندي سندس ٿورا مڃيا ويا آهن. اُن کانسواءِ الڪا ڪيسواڻي کي سنڌين کان علاوه غير سنڌين، انگريزن، آمريڪين، فرينچ ۽ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن جون اِي ميلز مليون آهن، جيڪي سنڌي کاڌن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -الڪا ڪيسواڻي- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

الڪا ڪيسواڻي - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن